اسلام آباد – 03 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر اڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اڄ 4 ڊسمبر تي دعا جو ڏهاڙو ملهايو ويندو، جمعي جي نماز جي ميڙن ۾ ڪورونا وائرس جي وبا جي ٻي لهر کان تحفظ لاءِ خصوصي دعائون ??يون وينديون، ڪورونا وائرس جي وبا جي ٻي لهر تي عالم سڳورن ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. وبا کان تحفظ جي لاءِ عوام جي آگاهي تي عالم سڳورن اتفاق ڪيو آهي، مسجدن ۾ ايس او پيز تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو ويندو، عوام جي آگاهي لاءِ ميڊي?? به پنهنجو ڪردار ادا ڪري، عالم سڳورن کي اپيل ڪئي آهي ته ڪ??هه وقت جي لاءِ جلسا جلوس ملتوي ڪيا وڃن، عالم سڳورن متفقه طور تي 17 اپريل جي ايس اي او پيز تي عملدرآمد کي ورجايو آهي. ڪورونا وائرس جي ٻي لهر ۽ ان جي صورتحال بابت مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزير نورالحق قادري ۽ وزيراعظم جي صحت واري خاص معاون ??اڪٽر فيصل سلطان سان گڏ بريفنگ ۾ ڳالهائيندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڪورونا وائرس وبا جي پهرين لهر ۾ اپريل ۾ سراسري 500 مريض هئا، عوام جي احتياطي تدبيرن جي ڪري وبا جي ڦهلاءُ تي ضابطو آندو ويو ۽ 22 جون تي 6400 مريضن جو ٽيسٽ پازيٽو آيو جيڪو 6500 تائين وڌڻ کانپوءِ رڪجي ويو.