اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم ع??را?? خان صدارت ۾ راوي اربن ڊولپمينٽ منصوبي، سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ منصوبي، والٽن ايئرپورٽ ??ي منتقلي ۽ پنجاب جي ننڍن شهرن جي ڀرپاسي ۾ وزيراعظم ع??را?? خان جي ويزن تحت عوام کي سستي رهائش جي فراهمي جي منصوبي جي حوالي سان اڳڀرائي جو جائزي اجلاس منعقد ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب اجلاس ۾ خاص مددگ??ر ڊاڪٽر شهباز گل، نئين پاڪستا?? هائوسنگ اٿارٽي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر ۽ سينئر آفيسر شريڪ هئا. پنجاب جو ناڻي وارو وزير مخدوم هاشم جوان بخت، پنجاب جي و??ي وزير جو صلاحڪ??ر ڊاڪٽر سلمان شاهه، پنجاب جي و??ي وزير جي خاص مددگ??ر ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ، راوي اربن ڊولپمينٽ اٿارٽي جو چيئرمين راشد عزيز ۽ سينئر آفيسرن اجلاس ۾ وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي.