اسلام آباد – 06 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اميد ظاهر ڪئي ??هي ته ڪشمير هاڻي آزادي طرف ويندو ڇو ته گذريل سال 5 آگسٽ جي هڪطرفي قدم ذريعي ڪشميرين کي دٻائڻ جا ڀارتي ارادا ناڪام ٿي ويا آهن. ڪشسمير يڪجهتي ڏهاڙي ج?? موقعي تي ج??عي ڏينهن ڪوٽلي ۾ هڪ عوامي ج??سي کي خطاب ڪرڻ کانپوءِ نجي ٽي وي چينل (هم نيوز) سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ڀارت 5 آگسٽ تي ڪشميرين کي ڪرش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو پر ڪشميرين جا حوصلا وڌيڪ بلند ٿيا. هن چ??و ته ڪشميرين کي وڌيڪ عرصي ??ائ??ن نه ٿو دٻائي ??گهجي. وزيراعظم چيو ته تاريخ مان ثابت ٿيو آهي ته ڪنهن آبادي کي وڌيڪ عرصي ??ائ??ن دٻائي نه ٿو سگجي ۽ جڏهن ڪا قوم آزادي حاصل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ٿي ته ڪا به طاقت ان کي نه ٿي دٻائي ??گهي. هن چ??و ته دنيا ڪشمير مسئلي ج?? سنجيدگي کي سمجهيو آهي ج??ڪو گڏيل قومن ۽ سلامتي ??ائ??نسل سميت عالمي سطح تي اجاگر ٿيو آهي انهي لاءِ پراميد آهيان ته هاڻي اهو آزادي طرف ويندو. يورپي يونين جي ڊس انفوليب جي انڪشافن بابت وزيراعظم چيو ته ڀارت پاڻ کي هڪ وڏو ملڪ ۽ وڏي مارڪيٽ هجڻ جي واويلا ڪري ٿو جنهن پاڪستان کي الڳ ٿلڳ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر پاڪستان کي ماضي ج?? ڀيٽ ۾ بي مثال عالمي پذيرائي ملي. هڪ سوال تي وزيراعظم چيو ته مون کي يقين ڪونهي ته بائيڊن انتظاميا ڪشمير تڪرار تي ثالثي ۾ شامل ٿيندي ج??ڙي طرح ڊونلڊ ٽرمپ آڇ ڪئي هئي ??ڏهن ته هن چ??و ته ان مسئلي ج?? حوالي سان دنيا ۾ شعور موجود آهي، 50 سالن کانپوءِ گڏيل قومن جي سلامتي ??ائ??نسل ڪشمير مسئلي تي ٽي ڀيرا بحث ڪيو جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته اهو هڪ عالمي ايشو بڻجي چڪو آهي. هن چ??و ته ڀارت جي لاءِ هاڻي ظلم جاري رکڻ مشڪل ٿيندو ڇو ته دنيا صورتحال جو مشاهدو ڪري رهي آهي. پاڪستان ڀارت کي ان شرط تي ڳالهين جي آڇ ڪئي ??هي ته هو آرٽيڪل 370 کي بحال ڪندي والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت بحال ڪري.