اسلام آباد – 09 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ وزيراعظم ج?? پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ مخالف ڌر ??ي ريڪيوز??شن تي قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ تي ??تفاق ڪندي چيو آهي ته مخالف ڌر جو هنگامو عوام ۽ جمهوريت جي خدمت جي ابتڙ آهي. اسپيڪر سان وزيراعظم ج?? پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ ملاقات ڪئي جنهن ۾ قانونسازي ۽ قومي اهميت جا اهم معاملا بحث هيٺ آيا. ملاقات ۾ مخالف ڌر ??ي ريڪيوز??شن تي ??جلاس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ ايوان جي ڪارروائي اسيمبلي جي قاعدن ۽ ضابطن تحت هلائڻ تي ??تفاق ڪيو ويو. اسپيڪر چيو ته ايوان ۾ هنگامه آرائي سان نه جمهوريت جي خدمت آهي نه ئي عوام ج??، اجلاس ۾ قانونسازي ۽ قومي اهميت جي اهم مسئلن کي بحث هيٺ آندو ويندو. اسد قيصر چيو ته ايوان جي ڪارروائي خوشگوار ماحول ۾ هلندي ته عوامي اهميت جا معاملا ۽ قانونسازي بهتر انداز ۾ ڪري سگهجي ٿي، عوام ج??ن نظرون پنهنجي چونڊيل نمائندن ڏانهن آهن، چونڊيل نمائندا پارليامينٽ جو موثر انداز ۾ استعمال ڪري عوامي مسئلن جو حل تجويز ڪري سگهن ٿا.