اسلام آباد – 21 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ سياحت، وڻن ۽ زراعت جي شعبي ۾ ا??قلاب اچي رهيو آهي، اترين علائقن ۾ سياحت جي فروغ جا وسيع موقعا آهن، اسان جي بلند پهاڙن ۽ گليشيئرز جو سوئيٽزرلينڊ به مق??بلو نه ٿو ڪري سگهي، سياحتي علائقن جي زوننگ سان گڏوگڏ بائي لاز به ٺاهڻا پوندا، سياحت سان ملڪ جي آمدني وڌندي، مق??مي ماڻهن جي زندگي جو معيار بلند ٿيندو، زرعي پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ پراڻن طريقن بدران جديد ٽيڪنالاجي تي وڃڻو پوندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار پشاور دره آدم خيل روڊ جي بحالي ۽ بهتري ۽ چترال شندور رستي جي بحالي ۽ توسيع جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.