اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) سعودي ع??ب جي پرڏيهي وزير فيصل بن فاران السعود چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جو سعودي ع??ب جو دورو گڏيل لاڳاپن جي تاريخ ۾ انتهائي اهميت رک?? ٿو، وزيراعظم جو ه?? دورو شاندار آهي ۽ ان ۾ ڪيترائي معاملا طئي ٿيا. پاڪستان ٽيليويزن کي وڊيو لنڪ ذريعي پنهنجي ??نٽ??ويو ۾ هن چيو ته وزيراعظم ج?? دور?? دوران ٻنهي ملڪن جي قيادت جي وچ ۾ سيڙپڪاري ۽ واپار ۾ وسيع سهولتن تي ٻڌل اقتصادي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن چيو ته سعودي ع??ب ۾ 20 لک کان وڌيڪ پاڪستاني رهن ٿا، جيڪي قومي ترقي ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته دور?? دوران ٻنهي ملڪن مسلمان امت سان لاڳاپيل ۽ گڏيل معاملن تي تعاون وڌائڻ ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.