اسلام آباد – 10 جون (اي پي پي) وفاقي ??ڪومت ايندڙ مالي سال لاءِ تقريبن 8 ٽريلين روپين جي نئين سالياني بجيٽ اڄ پيش ڪري رهي آهي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت اها ٽئين سالياني بجيٽ آهي جيڪا اهڙي موقعي تي پيش ڪئي پئي وڃي جڏهن دنيا ڪورونا جي ٽئين لهر کي منهن ڏئي رهي آهي، ۽ ان جي نتيجي ۾ پاڪستان سميت سڄي دنيا جو معيشتون متاثر ٿيون آهن، ناڻي ۽ ??وي??يو وارو وفاقي وزير شوڪت ترين قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ پيش ڪندو. سرڪاري ذريعن موجب اقتصادي مشڪلاتن ۽ چئلينجن جي باوجود تحريڪ انصاف جي حڪومت اوڳاڙين لاءِ پرجوش هدف ۽ ترقياتي منصوبن لاءِ فنذن ۾ اضافي جو فيصلو ڪيو آهي، نئ??ن وفاقي ??جيت ۾ ڪورونا جي ڪري عوام ۽ ڪاروبار تي پوندڙ اثرن، عوامي مشڪلاتن ۾ گهٽتائي، زرعي شعبي ۾ ترقي ۽ ان کي جديد بڻائڻ، ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري لاءِ بهتر ماحول جي فراهمي ۽ دستاويزي معيشت جي هدفن کي نظر ۾ رکيو پيو وڃي، مالياتي انتظام ۽ انصرام سان گڏوگڏ ??وي??يو ۾ اضافي، معاشي استحڪام ۽ واڌ ويجهه، غير ترقياتي خرچن ۾ گهٽتائي، روانگي واپار ۽ روزگار جي موقعن ۾ اضافو ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۽ خوشحالي ۽ عوام دوست پاليسون بجيٽ جي نمايان خصوصيتن ۾ شامل هونديون، نئ??ن وفاقي ??جيٽ ۾ سماجي شعبي جي ترقي ??ي خاص طور تي ڌيان ڏنو ويندو، بجيٽ ۾ اسلوب حڪمراني ۾ بهتري لاءِ سڌارن ۽ نجي شعبي جي سيڙپڪاري ۾ اضافي لاءِ سهولتن ۽ قدمن جو اعلان متوقع آهي. حڪومت نئين بجيٽ ۾ نوان ٽي??س لاڳو نه ڪرڻ جو پهرين کان فيصلو ڪيو آهي تنهن هوندي به ??وي??يو ۾ اضافو، ٽي??س جي بنياد ۾ سگهه ۽ ٽي??س ڏيندڙن کي سهولتن جي فراهمي لاءِ قدم کنيا ويندا ڇو ته ??وي??يو ۾ بهتر اضافي سان اقتصادي واڌ ويجهه جا هدف حاصل ٿي سگهندا. ذريعن موجب حڪومت نئين مالي سال جي وفاقي ??جيٽ ۾ 5800 ارب روپين جي اوڳاڙين جو هدف مقرر ڪري رهي آهي، نئ??ن وفاقي ??جيٽ جي ڏس ۾ هلندڙ مالي سال 21 -2020ع جي اقتصادي جائزه رپورٽ ڪالهه خميس ڏينهن جاري ڪئي وئي.