اسلام آباد – 04 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ??حريڪ پاڪستان کانپوءِ نظام بدلجڻ جي لاءِ سڀ کان و??ي جدوجهد هن وقت ??ار?? آهي، مافيا ان جي ناڪامي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي جڏهن ته ??ها جدوجهد اسان جي نسلن جي لاءِ اهم آهي، پاڪستان مشڪل دور مان نڪري چڪو آهي، هاڻي معاشي ترقي، دولت ۾ اضافي ۽ روزگار جي فراهمي جو وقت آهي، 1960ع جي ڏهاڪي وانگر سبز انقلاب جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، مافيا حڪومت ٺاهڻ جي فوري پوءِ ئي حڪومت جي ناڪامي جو گوڙ شروع ڪري ڇڏيو هو. اهڙن خيالن جو اظهار هن لوڌران کان ملتان رستي جي اپ گريڊيشن ۽ بحالي جي منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.