اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي 2021ع جي ڪامياب ??يز??اني ڪرڻ تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام کي مبارڪباد پيش ڪندي ماحوليات جي شعبي جي ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جو عزم ظاهر ڪيو آهي. ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي تقريب ۾ پاڪستان ۾ چين جي سفير صدر شي جن پنگ جو پيغام پڙهي ٻڌايو. وزيراعظم عمران خان، پارليامينٽ جا ميمبر، غير ملڪي سفارتڪار، ماحوليات جا ماهر ۽ ٻيا اعليٰ عملدار به ان موقعي تي موجود هئا. چيني صدر ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي پاڪستان جي ??يز??اني ۾ ڪامياب انعقاد ۽ گڏيل قومن جي ڏها??ي ايڪو سسٽم 2021ع کان 2030ع جي آغاز کي سارهيو. هن چيو ته تهذيبن جي خوشحالي لاءِ قدرتي ماحول سان گڏ پائيدار تعلق هموار ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان حوالي سان عالمي برادري کي ذميداراڻو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.