اسلام آباد – 29 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان چيو آهي ته عام ماڻهو تائين آسان ۽ فوري انصاف جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ موجود حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم آفيس ج?? ميڊيا ونگ مان ??اري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن اٽارني جنرل خالد جاويد خان ??ان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ اٽارني جنرل وزيراعظم کي مختلف عدالتي معاملن، انصاف جي نظام جي حوالي سان ??اري سڌارن ۽ ”واٽر ڪميشن رپورٽ“ تي بريفنگ ڏني. وزيراعظم عمران ??ان واٽر ڪميشن رپورٽ جي حوالي سان ??سٽس شاهد ڪريم جي ڪوششن کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته پاڻي جو مسئلو انتهائي ??هم معاملو آهي، ان ??هم قومي معاملي ۾ جسٽس شاهد ڪريم جي خصوصي دلچسپي ۽ ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن. وزيراعظم جسٽس (ر) علي اڪبر قريشي جي سربراهي ۾ واٽر ڪميشن رپورٽ جوڙيندڙ ٽيم جي ڪوششن کي به ساراهيو. مختلف عدالتي مامرن ۽ جاري سڌارن تي ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته عام ماڻهو تائين آسان ۽ فوري انصاف جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم چيو ته عدالتي ۽ انصاف جي نظام جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ ۽ عدالتي نظام کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي حوالي سان ??ڪومت عدليه کي هر ممڪن تعاون ۽ وسيلن جي فراهمي لاءِ پرعزم آهي.