اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته نيشنل ڊ??جي??ل ڪيبل پاليسي 2021ع تحت ڪيبل آپريٽرز کي نوان چينلز هلائڻ جي لاءِ سبسڪرپشن جي سهولت ملندي. اها ڳالهه هن ڪيبل آپريٽرز ايسوسيئيشن آف پاڪستان جي وفد سا?? ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. چوڌري فواد حسين چيو ته حڪومت نيشنل ڊ??جي??ل ڪيبل پاليسي 2021ع جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن تحت ڪيبل آپريٽرز جي لاءِ سبسڪرپشن ماڊل شروع ڪيو ويندو، ان ماڊل سا?? ڪيبل آپريٽرز کي نوان چينلز هلائڻ جي لاءِ سبسڪرپشن جي سهولت ملندي. هن وقت اسان جي گهرن ۾ اينالاگ ڪيبل اچي رهي آهي جنهن جي ڪوالٽي نه هجڻ جي برابر آهي جڏهن ته ان ۾ چينلز جو انگ به گهٽ آهي. ڪيبل کي ڊ??جي??لائيز ڪرڻ کانپوءِ چينلز جي ريٽنگ ۾ پڻ شفافيت سا?? گڏوگڏ چينلز جي انگ ۾ پڻ اضافو ٿيندو. سبسڪرپشن ماڊل جي فراهمي سا?? ڪيبل آپريٽرز کي مقامي ۽ عالمي مواد خريد ڪرڻ ۽ هلائڻ جي اجازت هوندي. هن چيو ته ڪيبل آپريٽرز کي ڪامياب جوان پروگرام تحت قرض ڏنا ويندا جنهن سا?? انهن کي ڊ??جي??ل باڪس خريد ڪرڻ ۾ سهولت ملندي ۽ اها رقم اهي صارفين کان وصول ڪ??ي پنهنجي قرض جي رقم واپس ڪري سگهندا. ڪيبل آپريٽرز ايسوسيئيشن جي وفد اطلاعات واري وفاقي وزير کي پنهنجي مسئلن کان آگاهه ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير ڪيبل آپريٽرز ايسوسيئيشن جا مسئلا غور سا?? ٻڌا ۽ انهن جي حل جي خاطري ڪرائي. ڪيبل آپريٽرز ايسوسيئيشن آف پاڪستان جي وفد ۾ ايسوسيئيشن جو چيئرمين عرفان علي کوسو، صدر راجا اسد علي خان، جنرل سيڪريٽري غفران مجتبيٰ، سيڪريٽري اطلاعات ملڪ معظم سلطان، ڪيبل آپريٽرز ايسوسيئيشن سنڌ جو صدر محمد اسماعيل جتوئي، ڊويزنل صدر خيرپور ذوالفقار جوڻيجو، ڏکڻ پنجاب جو صدر الياس وڙائچ، حافظ آباد مان ملڪ محمد وزير اعواڻ، حسن ابدال مان راجا عامر، ڪيبل آپريٽرز ايسوسيئيشن خيبرپختونخواهه جو صدر فرقان آفريدي، ڪيبل آپريٽرز ايسوسيئيشن ڪراچي جو خزانچي سعيد شاهه، سکر مان عبدالمقيم کوسو، سکر مان نويد ابڙو ۽ اسلام آباد مان زاهد ڀٽي شامل هئا.