اسلام آباد – 30 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان مستحڪم افغانستان جي لاءِ ڪوششون ڪري ??هيو آهي، اسان خطي ۽ عالمي طاقتن سان گڏجي ڪم ڪري ??هيا آهيون، ماضي ۾ افغانستان کي اڪيلو ڇڏيو ويو، دنيا ماضي جي غلطي کي ٻيهر ورجائي رهي آهي، اميد آهي ته پاڪستان جي قيادت ۾ ترڪيءَ ۽ علائقائي طاقتن جي ڪوششن سان ٺهندڙ حڪومت جي عالمي طاقتون پڻ حمايت ڪنديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن پرڏيهي نشرياتي اداري کي انٽرويو ڏيندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ڊگهي عرصي کان افغا??ين سان گڏ ڪم ڪيو آهي، جڏهن افغانستان مان روس نڪتو ته تمام گهڻا مسئلا پـٺتي رهجي ويا، هاڻي آمريڪا ۽ نيٽو فوج افغانستان مان تيزي سان انخلا ڪيو آهي، هاڻي پاڪستان ان معاملي تي گهري نظر رکي آهي، پاڪستان افغانستان جي حوالي سان ذميواراڻو ڪردار ادا ڪيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان سالن کان 35 لک افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪري ??هيو آهي، اسان جي معيشت وڌيڪ بار نه ٿي کڻي سگهي، ماضي ۾ افغانستان کي اڪيلو ڇڏيو ويو، دنيا ماضي جي غلطي کي ٻيهر ورجائي رهي آهي. هن چيو ته افغانستان جي ڏکي صورتحال ج?? ڪري ٺوس ۽ مخلوط حڪومت ضروري ??هي، افغان مسئلي جي حل لاءِ عالمي برادري ??ون ڪوششون ضروري ??هن. چوڌري فواد حسين چيو ته موجوده صورتحال جي ڏس ۾ افغانستان کي شدت پس??د تنظيمن جو مرڪز بڻجڻ نه گهرجي، پاڪستان مستحڪم افغانستان جي لاءِ ڪوششون ڪري ??هيو آهي، اسان خطي ۽ عالمي طاقتن سان گڏجي ڪم ڪري ??هيا آهيون، افغانستان ۾ بدامني نه رڳو پاڪستان پر دنيا جي لاءِ نقصانڪار آهي. هن چيو ته هن وقت پناهگيرن جو ڪو بحران نه آهي، اسان جي سرحدن تي معمول موجب ڪم جاري ??هي، اسان ڪابل مان پرڏيهين ۽ غيرملڪي ادارن ۾ ڪم ڪندڙن کي ڪڍيو آهي، پي آءِ اي جي ذريعي 4500 ماڻهن کي ڪابل مان ڪڍيو ويو آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته پناهگيرن جي لاءِ سرحد تي انتظام ڪيا آهن، افغان پناهگيرن جي حوالي سان ٺوس حڪمت عملي جوڙي آهي، ماضي وانگر صورتحال پيدا نه ٿيندي، دنيا ان چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي مدد جي لاءِ اڳتي اچي. هن چيو ته افغانستان بابت وزيراعظم عمران خان جي مشوري کي نظرانداز ڪيو ويو، اشرف غني افغانستان ۾ عام چونڊون نه ڪرايون، ٺوس حڪومت نه جوڙي وئي، اهي ٻه قدم نه کڻن سان وڏا مسئلا پيدا ٿيا. هن چيو ته پاڪستان ڪوشش ڪري ??هيو آهي ته افغانستان ۾ ٺوس حڪومت جي حمايت ڪئي وڃي، روس، چين، پاڪستان ۽ افغانستان تي ٻڌل ٽرائيڪا پلس اهم آهي، ان حوالي سان نار ملڪن ۽ ايران جو پڻ اهم ڪردار آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي ان معاملي تي گڏجي ڪم ڪري ??هيا آهن، پاڪستان ۽ ترڪي افغانستان ۾ امن جا خواهشمند آهن، افغانستان ۾ حڪومت افغا??ين کي جوڙڻي آهي، ان حوالي سان خطي جي ۽ عالمي طاقتن تي وڏي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي. هن اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان جي قيادت ۾ ترڪي ۽ علائقائي طاقتن جي ڪوششن سان ٺهندڙ حڪومت جي عالمي طاقتون به حمايت ڪنديون.