اسلام آباد -12 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ڀارتي قابض فورسز طرفان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ وڏي پئماني تي جنگي ڏوهن، انساني ح??ن جي خلاف و??زين، ڪوڙن مقابلن ۽ ڪوڙن فليگ آپريشنز ۽ عورتن جي بي حرمتي جي حوالي سان جامع ڊوزيئر جاري ڪري ڇڏيو. پرڏيهي وزير مخدوم شاه محمود قريشي وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري ۽ قومي سلامتي بابت صلاحڪار معيد يوسف سان گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ 131 صفحن تي ٻڌل ڊوزيئر جي تفصيلن بابت آگاهه ڪندي چيو ته اسان هن ڊوزيئر ذريعي سڄي ڄاڻ ۽ اصل حقيقتون سڄي دنيا تائين پهچائينداسين، اسان دنيا جي سڀ کان وڏي جمهوريت جي دعويدار ڀارت ??رڪار جي اصل چهري کي بي نقاب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. انساني ح??ن جي خلاف و??زي والاريل ڪشمير ۾ ڪا نئين ڳالهه ناهي، ڀارت والاريل ڪشمير ۾ ظلم جي انتها ڪندي ڪشميري عوام جو جيئن جنجال ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن کان هندو پرست حڪومت ڀارت ۾ آئي آهي انهن پائمالين ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. اڄ ڀارتي فوجي گهيراءَ کي 769 ڏينهن گذري ويا آهن. هن چيو ته سيد علي گيلاني جي پهرين سيپٽمبر تي جڏهن وفات ٿي ت?? ان جي گهر جو گهيراءُ ڪيو ويو، ان جي وصيعت کي ختم ڪندي رات جي اونداهي ۾ ان کي دفن ڪيو ويو. ان کي تدفين جي بنيادي حق کان به محروم ڪيو ويو. سندس پونئرن کي جنازي ۾ شرڪت کان محروم رکيو ويو. عالمي ميڊيا کي ڪشمير تائين پهچ نه ٿي ڏني وڃي. انسانيت کي ان انداز ۾ پائمال ڪرڻ انتهائي نامناسب آهي، ان لاءِ اسان اڄ هي ڊوزيئر سامهون آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. شاه محمود قريشي چيو ته 131 صفحن تي ٻڌل ان ڊوزيئر جا 3 باب آهن. پهرين باب ۾ جنگي ڏوهن، ٻئي ۾ ڪوڙن فليگ آپريشنز جڏهن ته ٽئين باب ۾ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڀارت ??ي والاريل ڪشمير جي جاگرافيائي حيثيت تبديل ڪرڻ جي ڪوششن جو ذڪر آهي. هن چيو ت?? ان ۾ 113 حوالا موجود آهن جن ۾ 26 عالمي ميڊيا کان ۽ 41 حوالا ڀارت ??ي ٿنڪ ٽينڪ کان ورتا ويا آهن جڏهن ته پاڪستان جا صرف 14 حوالا آهن. هي انتهائي اعتماد جوڳو دستاويز بڻايو ويو آهي. 3232 ڪيس جنگي ڏوهن بابت آهن. 1128 انهن ماڻهن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي جن ۾ ڀارتي ميجر جنرل، برگيڊيئر ۽ ٻين سينئر آفيسرن جو ذڪر آهي جيڪي انساني ح??ن جي پائمالين ۾ سڌي ريت ملوث رهيا آهن. انهن ۾ عدالت کان مٿانهان قتل ۽ پيلٽ گنز جو استعمال شامل آهي. هن چيو ته هن ڊوزيئر ۾ عورتن جي بي حرتمي جو به ذڪر آهي. هڪ لک کان وڌيڪ اهڙين جاين جو ذڪر آهي جن کي ساڙيو ويو. ان کان سواءِ پاڪستان کي بدنام ڪرڻ لاءِ ڪوڙن آپريشنن جو به ذڪر آهي. ڪشميرين جي پرامن آزادي واري جدوجهد کي دهشتگردي سان گڏائڻ جي ڪوششن جو ذڪر آهي. ان موقعي تي پرڏيهي وزارت ۾ صحافين کي ڀارت ??رڪار طرفان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني ح??ن جي سنگين پائمالن تي ٻڌل ويڊيوز ڏيکاريون ويون. هڪ سوال جو جواب ڏيندي پرڏيهي وزير چيو ته يورپي ملڪ انساني ح??ن جو علمبردار هجڻ جا دعويٰ ڪن ٿا پر والاريل ڪشمير ۾ انساني ح??ن جون سنگين خلاف و??زيون ۽ بيگناهه ڪشميرين تي ظلم تي خاموش آهن. انساني ح??ن جو تحفظ عالمي ادارن جي ذميواري آهي. گڏيل قومن ۽ سلامتي ڪائونسل کي ڀارت ??ي والاريل ڄمون ڪشمير ۾ جاري انساني ح??ن جي سنگين خلاف و??زين ۽ جنگي ڏوهن جو نوٽيس وٺندي انهن جي جاچ ڪرڻ گهرجي. شاه محمود قريشي ڀارت ??ي زور ڀريو ته هو فوري طور تي انساني ح??ن جي پائمالين کي بند ڪري ۽ والاريل ڪشمير ۾ عالمي ميڊيا ۽ انساني ح??ن جي تنظيمن کي پهچ ڏئي. هن چيو ته فاشسٽ پاليسيون خطي کي شديد خطرن ۾ وجهي رهيون آهن، اسان کي ان حوالي سان عالمي ضمير کي جاڳائڻو آهي. ڪشمير تڪرار جي حوالي سان پاڪستان جي ڪوششن جو ذڪر ڪندي مخدوم شاه محمود قريشي چيو ته 5 آگسٽ 2019ع کان پوءِ ڪشمير مسئلو عالمي سطح تي اثرائتي انداز ۾ اجاگر ڪيو ويو جڏهن ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ سيڪيورٽي ڪائونسل جي صدر پنهنجي پنهنجي پاڪستاني دورن دوران پنهنجن بيانن ۾ ڪشمير جي حوالي سان گڏيل قومن جي موقف کي ورجايو. هيومن رائيٽس ڪائونسل جون هڪٻئي پٺيان ٻه رپورٽون سامهون اچڻ انتهائي اهميت رکن ٿيون. ان کان سواءِ هائوس آف ڪامنز سميت عالمي پارليامان ۾ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني ح??ن جي پائمالين تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. هيومن رائيٽس ڪائونسل هڪ باوقار فورم آهي، اسان کي ان سميت ٻين اهم فورمز کي ڪتب آڻڻ جي ضرورت ??هي. اسان عالمي آبزرورز کي آزاد ڪشمير وٺي وياسين جڏهن ته ڀارت ??نهن کي پهچ نه ڏني. اڄ ميڊيا عام راءِ بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. 5 آگسٽ 2019ع کان پوءِ عالمي ميڊيا والاريل ڪشمير ۾ جاري انساني ح??ن جي سنگين خلاف و??زين ڏانهن عالمي برادري جي توجهه ڇڪرائي. هن چيو ته سوشل ميڊيا ب?? ان سلسلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اڄ ڀارت ??ندر هڪ مخصوص طبقو دهلي سرڪار جي ڪشمير پاليسي خلاف کلي ڳالهائي رهيو آهي جڏهن ته ڀارت ??ندران پڻ آواز اٿي رهيا آهن. هن چيو ته ڪشميرين جي قربانيون ضايع نه وينديون، اسان هن ڊوزيئر کي سڀني مشنز ۽ هر فورم تي موڪلينداسين ۽ اصل ڄاڻ ۽ حقيقتون سڄي دنيا تائين پهچائينداسين. ان موقعي تي انساني حقن بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري چيو ته ڀارت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ عالمي قانونن جي مسلسل خلاف و??زي ڪري رهيو آهي. يورپي ملڪ ٻٽي معيار تي عمل پيرا آهن، والاريل ڪشمير ۾ يورپي يونين طرفان 5 آگسٽ جي ڀارتي قدمن تي ڪو به بيان سامهون ناهي آيو، اسان عالمي انصاف و??ري عدالت کان جنگي ڏوهن جي حوالي سان راءِ وٺي عالمي سطح تي ڀارت ??ي انساني حقن بابت پائمالين کي وڌيڪ اٿارينداسين. شيرين مزاري چيو ته ڀارت ??رفان جنسي ڏاڍائي کي جنگي هٿيار طور استعمال ڪيو ويو. هن چيو ته ڀارت کي هن وقت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي صدارت ??ونپي وئي جڏهن ته اهو انساني ح??ن جي سنگين خلاف و??زين ۾ ملوث ٿي رهيو هو. ان موقعي تي قومي سلامتي واري صلاحڪار معيد يوسف چيو ته اڄ صورتحال تبديل ٿي چڪي آهي، هاڻي ڪو به ڀارت ??ي ڏوهن تي پردو وجهڻ وارو موجود ناهي. هن چيو ته ڀارت ??ون پاليسيون نه رڳو خطي لاءِ پر دنيا لاءِ خطري جو سبب ٿي سگهن ٿيون. اي يوڊس انفوليب جي رپورٽ جو پڌرو ٿيڻ ان تبديلي جي عڪاسي ڪري ٿو. هن چيو ته اسان نومبر 2020ع ۾ جيڪو ڊوزيئر ڏنو ڪنهن ب?? ان ۾ ڏنل معلومات ۽ ڀارتي پروپئگنڊه جي دستاويزي ثبوتن کي چئلينج نه ڪيو. هن چيو ته اهو ڊوزيئر سيد علي گيلاني مرحوم کي خراج عقيدت آهي ڇاڪاڻ ت?? ان جي سموري زندگي ان جدوجهد ۾ گذري.