اسلام آباد -13 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاه محمود قريشي چيو آهي ته جاگرافيائي ۽ سياسي سوچ کان مٿانهون ٿي ڪري افغانستان جي تعمير جي ضرورت آهي، سمورين ذميوار ملڪن ک?? ماضي جي غلطين مان س??ق سکڻ گهرجي، ان موقعي جو فائدو حاصل ڪري هڪ نئين دور جي شروعات ڪئي وڃي جنهن ۾ مستحڪم ۽ پرامن افغانستان خطي جي حقيقي گنجائش کي ڪتب آڻن ۾ اسان جو مددگار ثابت ٿئي. افغانستان کي معاشي تباهي کان بچائڻ لاءِ دنيا کي ملي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. خليج ٽائيم ۾ شايع ٿيل پنهنجي مضمون ۾ پرڏيهي وزير چيو ته ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين مصائب کان پوءِ افغانستان هڪ تاريخي ٻواٽي تي بي??ل آهي جتي يا ته هو آخرڪار تڪرار ۽ عدم استحڪام جي سلسل?? مان نجات حاصل ڪري سگهي ٿو يا وري رياست ناڪامي طرف وڃي سگهي ٿو جنهن س??ن افغان عوام لاءِ وڌيڪ ناقابل برداشت مسئلا پيدا ٿيندا ۽ خطو متاثر ٿيندو. هن چيو ته افغانستان جي صورتحال کان پاڪستان کي پڻ وڏو جان?? مالي نقصان برداشت ڪرڻو پيو پر ان باوجود اسان ثابت قدم رهياسين. پرڏيهي وزير چيو ته ويجهي پاڙيسري جي حيثيت سان اسان ان س??ن لاتعلق نه رهي سگهياسين. پرڏيهي وزير چيو ته اشرف غني جي حڪومت جي خاتمي بعد پاڪستان افغانستان ۾ پنهنجو سفارتخانو ۽ قونصل خانو کليل رکيو جڏهن ته اسان جي قومي اڏام پي آءِ اي سفارتي مشنز، بي?? الاقوامي تنظيمن، آءِ اين جي اوز ۽ ميڊيا اهلڪارن جي نيڪالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته افغانستان جي بحران ۾ شدت يا ان جي تسلسل ۾ پاڪستان جو ڪو به ڪردار نه رهيو. جيتوڻيڪ اسان هميشه جنگ کي ڳالهين ذريعي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪئي آهي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان هميشه اسپائلرز تي زور ڏيندو رهيو ته هو افغانستان ۾ استحڪام جي عمل کي روڪڻ کان پاسو ڪن. افغانستان بري طرح مجروح آهي، جنهن کي سرد مهري نه ??لڪ?? مرهم جي ضرورت آهي. سائبر پليٽ فارمز جو غلط استعمال ۽ عوام وچ ۾ تقسيم پيدا ڪرڻ لاءِ بي بنياد الزامن کي هوا ڏئي دنيا کي گمراهه ڪرڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي. پرڏيهي وزير چيو ته بي?? الاقوامي برادري معاشي ۽ انساني تباهي کان بچڻ ۾ افغانستان جي مدد ڪري، ماضي جي اهڙن افسوسناڪ واقعن کي نه ورجايو وڃي جن افغان معاشري ۾ ڏڦيڙ کي وڌيڪ گهرو ڪيو ۽ فوجي ڪارروائي، بدانتظامي، بدعنواني ۽ مغربي ٽيڪس جي رقم ضايع ڪرڻ سبب صورتحال کي وڌيڪ ڳنڀير ڪيو. هن چيو ته افغانستان جي نئين نظم و نسق جي حوالي سان اسان اهو چئون ٿا ته حقيقي مفاهمت کي هٿي ڏني وڃي ۽ اهڙو حڪمراني وارو رستو اختيار ڪيو وڃي جنهن کي ڪنهن نسل يا صنف پنهنجي لاءِ خطرو محسوس نه ڪري. پرڏيهي وزير چيو ته هڪ ذميوار ملڪ جي حيثيت سان پاڪستان نه صرف امن جي عمل لاءِ سهولتڪاري ڪئي ??لڪ?? افغانستان جي باري ۾ علائقائي نقطه نظر جوڙڻ لاءِ پڻ ڪوششون ڪري رهيو آهي. اسان افغانستان ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام لاءِ مغربي ملڪن س??ن گڏوگڏ افغانستان جي سمورين ڌرين س??ن رابطو ڪيو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان بي?? الاقوامي طاقتن کي زور ڀريو آهي ته هو بي?? الافغان مفاهمت کي هٿي ڏيارڻ لاءِ حقيقي ڪوششن تي توجهه ڏين ۽ افغان عوام ڏهاڪن جي تڪرار کان تنگ اچي چڪو آهي. هن صورتحال سبب افغانستان کان پوءِ پاڪستان سڀ کان وڌيڪ متاثرٿيندڙ ملڪ آهي، اسان هڪ پرامن 7 خوشحال خطو چاهيون ٿا جيڪو بي?? الاقوامي سلامتي ۽ استحڪام کي هٿي ڏيئي. ان س??ن اسان جو باهمي رابطي جي ايجنڊا جي حاصلات لاءِ پڻ مدد ملندي، جيڪو علائقائي اقتصادي انضمام جو سبب بڻجندو. هن چيو ته افغانستان جي فياضانه مدد سان معاشي ۽ پناه گيرن جي بحران کي روڪڻ ۾ مدد ملندي. ان مرحلي ت?? مالياتي نقصان عام افغانين جي مشڪلاتن ۾ وڌيڪ اضافو ڪندو. اسان کي ان جو ڳلو دٻائڻ بدران ان ڏانهن مدد جو هٿ وڌائڻ گهرجي. هن چيو ته اچو ته جاگرافيائي ۽ سياسي سوچ کان مٿانهون ٿي ڪري افغانستان جي درد ۽ تڪليف کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون. پاڪستان سمورن ذميوار ملڪن تي زور ڀري ٿو ته هو ماضي جي غلطين مان س??ق سکن ۽ انهن کي ورجائڻ جي اجازت نه ڏين. اچو اسان ان موقع?? مان فائدو حاصل ڪندي هڪ نئين دور جي شروعات ڪيون، جتي هڪ مستحڪم ۽ پرامن افغانستان خطي جي حقيقي استعداد کي ڪتب آڻڻ ۾ اسان جو معاون ثابت ٿئي.