اسلام آباد – 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري پنجاب کانپوءِ خيبرپختونخوا ۾ سڀ کان وڌيڪ ??وت??يون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 39 ??وت??يون ٿيون جنهن مان 11 ??وت??يون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ هڪ هزار 742 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا.
ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان بهاولپور ۾ 45 سيڪڙو، لاهور ۾ 43 سيڪڙو، ملتان 85 سيڪڙو ۽ سرگوڌا ۾ 43 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي سراسري لحاظ کان ملتان ۾ 44 سيڪڙو، پشاور ۾ 45 سيڪڙو، بنون ۾ 44 سيڪڙو ۽ سرگوڌا ۾ 45 سيڪڙو مريض آهن.
گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 52 هزار 635 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 15 هزار 709، پنجاب ۾ 17 هزار 704، خيبرپختونخواهه ۾ 12 هزار 401، اسلام آباد ۾ 4 هزار 38، بلوچستان ۾ 1524، گلگت بلتستان ۾ 513 ٽيسٽ ڪيا ويا. آزاد ڪشمير ۾ 746 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 11 لک 69 هزار 566 ٿي چڪو آهي. بلوچستان ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 455 مريض آهن.
سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪي??ز جو انگ 47 هزار 832 آه??. س??ي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 12 لک 45 هزار 127 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 34 هزار 127، بلوچستان ۾ 32 هزار 916، گلگت بلتستان ۾ 10 هزار 321، اسلام آباد ۾ هڪ لک 5 هزار 417، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 73 هزار 796، پنجاب ۾ 4 لک 31 هزار 92 ۽ سنڌ ۾ 4 لک 57 هزار 458 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 27 هزار 729 ٿي چڪو آهي، جن مان سنڌ ۾ 7 هزار 382 ??وت??يون ٿيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 3 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا. پنجاب ۾ 12 هزار 617 ??وت??يون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 17 مريض اسپتالن ۾ جڏهن ته 5 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيا. خيبرپختونخواهه ۾ 5 هزار 537 ??وت??يون ٿيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 10 مريض اسپتالن ۾ جڏهن ته 2 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيا. اسلام آباد ۾ ڪل 923 ??وت??يون ٿيون. جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 1 مريض اسپتال ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيو. بلوچستان ۾ ڪل 348 ??وت??يون ٿيون. گلگت بلتستان ۾ 184 ??وت??يون ٿيون. آزاد ڪشمير ۾ ان وائرس سبب 738 ??وت??يون ٿي چڪيون آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ – 19 جا هڪ ڪروڙ 93 لک 86 هزار 106 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي علاج جي لاءِ مخصوص 640 اسپتالن ۾ 3 هزار 953 مريض علاج هيٺ آهن.