تهران – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي وفد سان گڏ ٻن ڏينهن جي سرڪاري دو??ي تي تهران پهچي ويو. امام خميني عالمي هواءِ اڏي تي پاڪستان ۾ اي??ان جي سفير محمد علي حسيني، اي??ان ۾ مقرر پاڪستان جي سفير رحيم حيات قريشي ۽ پرڏيهي وزارت جي سينئر آفيسرن پرڏيهي وزير جي آجيان ڪئي. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي پنهنجي اي??ان جي دوري دوران اي??اني هم منصب ڊاڪٽر حسين امير عبداللهيان سميت اي??اني قيادت سان مل??قا?? ڪندو. انهن مل??قا??ن ۾ ٻطرفي لاڳاپن ۽ علائقائي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. پرڏيهي وزير 27 آڪٽوبر 2021ع تي تهران ۾ منعقد افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي ٻي وزارتي اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي علائقائي صورتحال جي حوالي سان پاڪستان جو موقف پيش ڪندو. پرڏيهي وزير اي??ان جي دوري دوران ميڊيا نمائندن سان به ڳالهه ٻولهه ڪندو ۽ اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو.