اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پوليو جي خ??تمي لاءِ صوبائي ۽ ضلعي حڪومتن جي ڪوششن کي خ??اج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته ڏورانهن ۽ مشڪل علائقن تائين پهچندڙ پوليو ورڪرز قومي خ??مت سرانجام ڏئي رهيا آهن، بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ پوليو ورڪرز جي لاءِ انعام ڏيڻ جو پلان جوڙيو وڃي، اسان سڀني کي گڏجي پوليو جو خاتمو ڪرڻو آهي، ڪورونا جي نئين قسم اوميڪرون کي نظر ۾ رکندي ويڪسي نيشن مهم کي وڌ??ڪ تيز ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت هيٺ پوليو جي روڪٿام جي مهم جي حوالي سان جائزه اجلاس کي خ??اب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم جو قومي صحت وارو خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان، صحت واري پارلياماني سيڪريٽري ڊاڪٽر نوشين حامد ۽ اعليٰ عهديدار شريڪ هئا. جڏهن ته پنجاب، سنڌ، خيبرپختونوا ۽ بلوچستان جا چيف سيڪريٽريز ۽ 30 کان وڌ??ڪ ضلعن جا ڊپٽي ڪمشنر وڊيو لنڪ جي ذريعي شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته عالمي ادارن حڪومت پاڪستان جي ڪورونا ۽ پوليو کان بچاءُ لاء?? موثر قدمن کي ساراهيو آهي. خيبرپختونخوا جي ڏکڻ ضلعن، بلوچستان جي ضلعي ڪوئيٽا، قلعه عبدالله ۽ پشين ۽ سنڌ ۾ حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ گدلي پاڻي جي ذريعي پوليو جي پکيڙ جو خطرو وڌ??ڪ آهي. ان موقعي تي وزيراعظم صوبائي ۽ ضلعي حڪومتن جي پوليو جي خ??تمي لاءِ ڪوششن کي خ??اج تحسين پيش ڪندي چيو ته پوليو ورڪرز جيڪي ڏورانهن ۽ مشڪل علائقن تائين پهتا آهن قومي خ??مت سرانجام ڏئي رهيا آهن جنهن جي لاءِ هو خصوصي تعريف جا مستحق آهن، هن هدايت ڪئي ته بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ پوليو ورڪرز لاءِ انعام ڏيڻ جو پروگرام جوڙيو وڃي. چيف سيڪريٽريز ۽ ڊپٽي ڪمشنرن کي پوليو جي خ??تمي جي قدمن کي وڌ??ڪ موثر بڻايو وڃي، وزيراعظم چيو ته گهٽ منتقلي وارا سيزن پوليو وائرس جي خ??تمي لاء?? موزون ترين وقت آهي ۽ اسان سڀني کي گڏجي پوليو جو خاتمو ڪرڻو آهي، ضلعي انتظاميه پوليو ورڪرز کي هراسان ڪرڻ يا انهن جي حملن جي صورت ۾ قانوني ڪارروائي جي ذميداري وٺي، ٻارن کي ڪيترن ئي مرضن کان بچاءُ لاءِ ٽڪن جي عمومي مهم ۽ پوليو جي خ??تمي جي مهم کي گڏوگڏ هلايو وڃي، هن چيو ته ڪورونا وائرس جي نئين قسم اومي ڪرون جي پيش نظر ڪورونا جي خلاف ويڪسي نيشن مهم کي وڌ??ڪ وڌايو وڃي.