اسلام آباد – 22 فيبروري (اي پي پي) وزي??اع??م عمران خان ڪشمير جو ڪيس عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ڪشمير ڪميٽي جي ڪوششن کي ساراهيندي ان کي پنهنجي ڪوششون وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزي??اع??م عمران خان سان ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين شهريار خان آفريدي ملاقات ڪئي. وزي??اع??م کي ڪشمير ڪميٽي پاران مختلف عالمي فورمن خاص طور تي اسلامي ملڪن جي تنظيم (او آءِ سي)، يورپي يونين، آمريڪي ڪانگريس ۽ ٻين عالمي پارلياماني ادارن ۽ ڌرين سان ڪشمير مسئلي کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ کنيل قدمن بابت بريفنگ ڏني وئي. وزي??اع??م کي ڪوهاٽ ڊويزن ۾ جاري ترقياتي اسڪيمن تي اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. وزي??اع??م ڪشمير جو ڪيس عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ڪشمير ڪميٽي جي ڪوششن کي ساراهيندي ان کي ان مقصد جي لاءِ پنهنجون ڪوششون وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزي??اع??م ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين کي هدايت ڪئي ته هو ڪوهاٽ ڊويزن ۾ جاري ترقياتي اسڪيمن جي وقت سر پڄاڻي کي يقيني بڻائي ته جيئن عوام کي وڌ کان وڌ ريليف ۽ سهولت فراهم ڪري سگهجي.