اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب سينيئر صحافي، ڪالم نويس عطاءُ ال??حمان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير چيو ته عطاءُ ال??حمان سدائين پنهنجي قلم سان عوامي مسئلا اجاگر ڪيا، ان جون پيشيواراڻيون خدمتون سدائين ياد رکيون وينديون. فرخ حبيب چيو ته صحافتي برادري هڪ سٺي ۽ ڏاهي صحافي ک??ن محروم ٿي وئي آهي. هن چيو ته الله تعاليٰ عطاءُ ال??حمان کي جنت نصيب ڪري ۽ گهرڀاتين کي صبر ۽ جميل ع??ا فرمائي.