اسلام آباد – 24 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بئنڪنگ محتسب پاران سال 2021ع دوران بئنڪنگ فراڊ بابت 37000 کان وڌيڪ ڪيسن ۾ کاتيدارن کي 709 ملين رپين جي ريليف جي فراهمي تي اطمينان جو اظهار ڪندي بئنڪ صارفين کي انصاف جي تيز رفتار فراهم?? کي يقيني بڻائڻ ج?? لاءِ محتسب جي فيصلن تي عملدرآمد جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. پاڪستان جي بئنڪنگ محتسب محمد ڪامران شهزاد ايوان صدر ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ملاقات ڪئي ۽ اداري جي سالياني رپورٽ 2021ع پيش ڪئي. هن صدر کي بئنڪنگ محتسب جي اداري جي ڪارڪردگي ۽ ڪاميابين کان آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته پاڪستان جي بئنڪنگ محتسب گذريل سال دوران بئنڪنگ فراڊ بابت 37000 کان وڌيڪ معاملن ۾ کاتيدارن کي 709 ملين رپين جو ريليف فراهم ڪيو آهي. صدر پاڪستان جي بئنڪنگ محتسب جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ بئنڪ صارفين کي انصاف جي تيز رفتار فراهم?? کي يقيني بڻائڻ ج?? لاءِ محتسب جي فيصلن تي عملدرآمد جي ضرورت تي زور ڏنو. بئنڪنگ محتسب بريفنگ ۾ ٻڌايو ته 2021ع دوران 33196 نيون شڪايتون مليون جڏهن ته ان کان اڳ گذريل سال جي التوا هيٺ شڪايتن جو انگ 4168 آهي. مجموعي 37364 شڪايتن مان 18000 کان وڌيڪ شڪايتون وزيراعظم پاڪستان سٽيزن پورٽل جي ذريعي ملي??ن. ??ن وڌيڪ چيو ته ڪل 37364 شڪايتن مان 25231 شڪايتن کي فوري طور ي مصالحت جي ذريعي حل ڪيو وي?? جڏهن ته 437 شڪايتن جي باقاعده ٻڌڻي کانپوءِ فيصلو ڪيو وي??. گذريل سال دورا?? ڪل شڪايتن مان 87 سيڪڙو کي اڪلايو وي?? هو ۽ موجوده شڪايتن جي انتظام جي نظام کي بهتر بنائڻ ج?? لاءِ ڪوششون ڪيون وي??ن آهن ته جيئن ان شرح کي 100 سيڪڙو تائين وڌائي سگهجي. صدر بئنڪنگ محتسب جي ڪارڪردگ?? کي ساراهيندي چيو ته بئنڪنگ محتسب جو ادارو بئنڪ فراڊ جي متاثرين کي خاص طور تي اليڪٽرانڪ فنڊز جي منتقلي جي گهپلن جي معاملن ۾ سستو ۽ فوري انصاف فراهم ڪرڻ ۾ قدر جوڳو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن بئنڪنگ محتسب پاران فراهم ڪئي وي??دڙ خدمتن بابت ميڊيا جي ذريعي آگاهي پيدا ڪرڻ ج?? ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن وڌ کان وڌ ماڻهو بئنڪ عملدارن جي بدانتظامي جي خلاف ان جي خدمتن مان فائدو کڻي سگهن. صدر محتسب کي ادار?? کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ پنهنجي تعاون جو يقين ڏياريو ته جيئن کاتيدارن جي شڪايتن جو فوري ازالو ڪري سگهجي.