اسلام آباد – 28 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ثقافتي لحاظ کان گ??ڻ رخو ملڪ آهي جيڪو هندوئن، عيسائين سميت مختلف مذهبي اقليتن جو گهر آهي جتي اهي سمورا ماڻهو پرامن طريقي سان رهي رهيا آهن ۽ پاڪستا?? جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن جڏهن ته ڀارت ۾ اقليتن کي بدترين مذهبي امتياز ۽ عدم برداشت درپيش آهي جيڪو افسوس جوڳو آهي، اسا?? جي حڪومت اسلام جي حقيقي پيغام کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ رحمت للعالمين ﷺ اٿارٽي قائم ڪئي آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران ملندڙ پريس رليز موجب وزيراعظم عمران خان ڪينٽربري جي آرچ بشپ سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم ان موقعي تي بين المذاهب هم آهنگي، مذهبي برداشت ۽ مختلف مذهب?? جي ماڻه?? جي وچ ۾ تعلق جي اهميت کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم پاڪستا?? جي آئين ۾ ڏنل اقليت?? جي حق?? جي تحفظ جي لاءِ پنهنجي حڪومت جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ثقافتي لحاظ کان گ??ڻ رخو ملڪ آهي ۽ اهو هندوئن ۽ عيسائين سميت مختلف مذهبي اقليتن جو گهر آهي ۽ اهي سمورا ماڻهو هتي پرامن طريقي سان رهي رهيا آهن ۽ پاڪستا?? جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن افسوس جو اظهار ڪيو ته پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ اقليتن خاص طور تي مسلمانن کي بدترين قسم جي مذهبي امتياز ۽ عدم برداشت جو نشانو بڻايو پيو وڃي. وزيراعظم آرچ بشپ کي ٻڌايو ته سندس حڪومت اسلام جي حقيقي پيغام کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ رحمت للعالمين ﷺ اٿارٽي قائم ڪئي آهي جيڪا اسلام جي حقيقي پيغام کي فروغ ڏيندي جيڪا بين المذاهب هم آهنگي ۽ انسانيت جي پرامن گڏيل بقاءَ تي يقين رکي ٿي. آرچ بشپ ان موقعي تي چيو ته مذهبي رواداري ۽ پرامن گڏيل بقاءَ وقت جي ضرورت آهي. ان کان اڳ آرچ بشپ جسٽن ويليبي پشاور جي آل سينيٽس چرچ ۾ آچر ڏينهن ميڙ ۾ شرڪت ڪئي ۽ امن ۽ مذهبي هم آهنگي جو پيغام ڏنو.