اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان تاجڪستان ۽ تيونس جي ??نهنجي ??م منصبن پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. ڳالهين دوران ٻطرفي لاڳاپن، مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون ??ي فروغ سميت گڏيل دلچسپي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيال ڪيا ويا، پرڏيهي آفيس موجب تاجڪستان پنهنجي ??نصب سراج الدين مهر الدين سان ڳالهائيندي پ??ڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ويزن سينٽرل ايشيا پاليسي جي ذريعي وچ ايشيائي رياستن سان بهتر ۽ نتيجا خيز رابطا قائم ڪرڻ جي ??اءِ پرعزم آهي، هن چيو ته اسان سياسي، واپاري، سيڙپڪاري، توانائي، سلامتي، دفاع ۽ عوامي رابطن ??ي فروغ لاءِ پرعزم آهيون، مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ۽ تاجڪستان جي ??چ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت، گڏيل وزارتي ڪميشن ۽ مختلف شعبن ۾ گڏيل ورڪنگ گروپس جي ??وجودگي ٻطرفي لاڳاپن جي استحڪام جو مظهر آهي، پرڏيهي وزير ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ اداره جاتي ميڪانزم جي اجلاسن جي باقاعده انعقاد جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ ٻطرفي ”ٽرانزٽ ٽريڊ ايگريمينٽ“ کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ جي اميد جو اظهار ڪيو. هن يو ته اسان ڪاسا 1000، منصوبي جي ??قت سر پڄاڻي لاءِ پرعزم آهيون، ٻنهي پ??ڏيهي وزيرن جي ??چ ۾ پاڪستان ۽ تاجڪستان جي ??چ ۾ سڌو سنئون اڏامون ٻيهر شروع ڪرڻ جي حوالي سان به خيالن جي ڏي وٺ ٿي، تيونس جي ??نهنجي ??م منصب عثمان جيرندي سان ملاقات دوران پاڪستان ۽ تيونس جي ??چ ۾ ٻطرفي تعاون جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ويو، ٻنهي پ??ڏيهي وزيرن مارچ 2021ع ۾ پنهنجي ??رڏيهي سيڪريٽرين جي ??چ ۾ منعقد ٻطرفي سياسي مشاورت جي آخري اجلاس ۽ ٻطرفي ترجيحي معاهدن جي امڪانن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ٿيندڙ ڳالهين تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل ڪميشن جو جلد ايندڙ اجلاس گهرائڻ تي اتفاق ڪيو ۽ ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ته تيونس جو پرڏيهي وزير ان اجلاس ۾ پاڻ سان گڏ تيونس جو ڪاروباري وفد کي به گڏ آڻيندو. پرڏيهي وزير علائقائي امن ۽ سلامتي ??ي فروغ ۾ تيونس جي ڪردار ۽ گڏيل قومن ۽ او آءِ سي ۾ ڪشمير مسئلي تي ان جي ??سلسل حمايت کي ساراهيو. ٻنهي پ??ڏيهي وزيرن پنهن??ي فوجي، دفاعي ۽ دهشتگردي جي خاتمي ۾ تعاون کي اڳتي وڌائڻ ۽ ل??ڳاپيل معاهدن کي حتمي شڪل ڏيڻ ۽ انهن شعبن ۾ پهرين کان موجود بهترين ٻطرفي تعاون کي مستحڪم بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. ان کانسواءِ ٻنهي پ??ڏيهي وزيرن پنهنجي ??ارلياماني، سياسي، عسڪري ۽ سيڪيورٽي قيادتن جي ??چ ۾ اعليٰ سطح جي رابطن ۽ مٽاسٽا کي برقرار رکن، ٻطرفي واپار کي فروغ ڏيڻ، ترجيحي واپاري معاهدي تي ڳالهين کي حتمي شڪل ڏيڻ ۽ 2022ع ۾ پاڪ تيونس گڏيل ڪميشن جو جلد اجلاس گهرائڻ تي اتفاق ڪيو.