اسلام آباد – 03 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قانون واري ??فاق?? وزير چوڌري ??واد حسين چيو آهي ته اڄ آزاد، خودمختيار پاڪستان ۽ هڪ محڪوم پاڪستان جي وچ ۾ ووٽنگ آهي، (ن) ليگ وارن سان همدردي آهي، پيءُ (شهباز شريف) ملڪ جو وزيراعظم ۽ پٽ (حمزه شهباز) وڏ?? وزير بڻجڻ جو خواب ڏسي رهيا آهن، انهن ماڻهن ۾ ڪو شرم نه آهي، اهي پنهنجو پاڻ کي مغليه فيملي سمجهن ٿا. پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان ??الهائيندي هن چيو ته پاڪستان جي عوام انهن ماڻهن سان نفرت ڪري ??ي. هڪ سوال تي هن چيو ته ڪيترن ئي ماڻهن شيروانيون سبرايون آهن پر انهن کي پاجاما نه ملي رهيا آهن. چوڌري ??واد حسين چيو ته چوڌري سرور سٺو ماڻهو آهي، اسان ان جو احترام ڪريون ٿا، چوڌري سرور جي پرويز الاهي سان نه ٺهي رهي آهي، ان لاءِ هٽائي ڇڏيو. هن چيو ته عمر سرفراز چيما کي نئون پنجاب جو گورنر بڻايو ويو آهي. اطلاعات واري ??فاق?? وزير چيو ته اڄ آزاد، خودمختار پاڪستان ۽ هڪ محڪوم پاڪستان جي وچ ۾ ووٽنگ آهي، هڪ طرف چيو وڃي ٿو ته پاڪستان ۽ پاڪستان جي قوم کي عزت ڏيو جڏهن ته ٻئي طرف چيو وڃي ٿو ته اسان ??ڪاري آهيون ۽ ڊرپن تي لڳل آهيون. هن چيو ته قائداعظم محمد علي جناح اسان ??ي جهڙي طرح آزادي ڏياري ??ئي اڄ اهڙي طرح جي آزادي جو هي موقعو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي قوم خودمختار ۽ غيرتمند قوم آهي، اها انهن ماڻهن سان ??ڏ ڪڏهن به نه ويندي جيڪي پنهنجو پاڻ کي ڀڪاري چون ٿا. هڪ سوال تي هن چيو ته فلور ڪراسنگ ۾ ملوث ميمبرن پنهنجي عزت اڳ ۾ وڃائي ڇڏي آهي، هاڻي انشاءَ الله تاحيات پابندي ٿيندي ته انهن جي سياست به ختم ٿي ويندي.