اسلام آباد – 04 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ن ليگ جي اڪائونٽس تان سپريم ڪورٽ جي بينچ تي مسلسل تنقيدي حملا ٿي رهيا آهن، مخالف ڌر سپريم ڪورٽ تي اثر انداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، عمران خان جيڪڏهن مخالف ڌر جي خلاف احتجاج جو سڏ ڏنو ته کين پنهنجي گهرن ۾ رهڻ مشڪل ٿي ويندو، پاڪستان جو مفاد ان ۾ آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو احت??ام ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. چوڌري فواد حسين چيو ته مخالف ڌر چئي رهي هئي ته شهزاد اڪبر ملڪ ڇڏي ويو آهي، شهزاد اڪبر اڄ به اسان سان گڏ بيٺل آهي، هن چيو ته مخالف ڌر آئين جون ڌڄيون اڏائڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي، 22 ماڻهن کي انهن هارس ٽريڊنگ جي ذريعي پاڻ سان ملايو، ڇا اهو آئين جو حصو هو؟ چوڌري فواد حسين چيو ته پاڪستان جي عوام الي??شن جي ??اء?? تيار آهي، ڪا به سياسي پارٽي ڪڏهن به الي??شن کان راه فرار اختيار ناهي ڪندي پر مخالف ڌر جون پارٽيون الي??شن کان راه فرار اختيار ڪري رهيون آهن، مخالف ڌر جون پارٽيون الي??شن ۽ عوام کان ڇو ڀڄي رهيون آهن؟ چوڌري فواد حسين چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب اسان اڳتي وڌنداسين پر جيڪڏهن سپريم ڪورٽ تي اثر انداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته اسان مزاحمت ڪنداسين. هن چيو ته اسان خط جا تفصيل عوام جي سامهون نه رکيا پر ان تي اسان پارلياماني سيڪيورٽي ڪميٽي جو اجلاس گهرايو ۽ مخالف ڌر اڳواڻن کي ان ۾ شرڪت جي دعوت ڏني پر هنن شرڪت نه ڪئي. هن چيو ته اسان پاڪستان ۾ غداري جا سرٽيفڪيٽ ورهائڻ نٿا چاهيون، ان تي جيتري گهٽ ڳالهه ٿئي اها بهتر آهي، چوڌري فواد حسين چيو ته شهباز شريف اڄ چئي رهيو آهي ته هو نگران سيٽ اپ ??اء?? پراسيس جو حصو نه بڻجندو، نگران سيٽ اپ ??اء?? صدر پاران لکيل خط تي اسان ٻه نالا موڪلي ڇڏيا آهن، شهباز شريف جيڪڏهن وزيراعظم جي ??اء?? نالا ڏي ٿو ته ان مان هڪ نالو فائنل ٿي ويندو، شهباز شريف مشاورت جو حصو نه بڻيو ته اها ان جي پنهنجي مرضي آهي، هن چيو ته سڄو ملڪ الي??شن ??اء?? تيار آهي، 90 ڏينهن ۾ الي??شن ٿيڻي آهي.