اسلام آباد – 15 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اور??گز??ب احساس ??رو??رام ۽ پناهگاهون بند ڪرڻ جي خبرن کي ڪوڙ قرار ڏيندي چيو آهي ته شهباز شريف وزيراعظم چونڊجڻ کانپوءِ قومي اسيمبلي ۾ پهرين خطاب ۾ واضح ڪيو هو ته عوامي خدمت جا منصوبا جاري رهندا. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ ??رو??رام نه رڳو جاري رهندو پر ان ک?? وڌيڪ توسيع ڏني ويندي، وزيراعظم شهباز شريف بينظير انڪم سپورٽ ??رو??رام کي ٻارن ۽ ٻارڙين جي تعليم جو ذريعو بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ڪو ??رو??رام بند ناهي ٿيو، عوام جي ڀلائي جي هر منصوبي ک?? وڌيڪ بهتر بڻائينداسين، هن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جو شروع ڪيل صحت ڪارڊ ائين ئي هلندو رهندو، ان ک?? وڌيڪ بهتر بڻائينداسين، اهڙا ڪوڙ اهي پکيڙي رهيا آهن جن کي وزيراعظم جي ڪرسيءَ ۽ ڪنٽينر تي ڪوڙ ڳالهائڻ جي عادت آهي. مريم اور??گز??ب چيو ته ميڊيا کي به گذارش آهي ته اها اهڙي بي بنيادن اطلاعن کي جڳهه ڏيڻ کان پاسو ڪري، الله تعاليٰ جو شڪر آهي ته اڄ ملڪ ۾ هڪ چونڊيل وزيراعظم آهي جيڪو عوام جو ڏک درد ۽ احساس رکي ٿو، اڄ ملڪ ۾ اهڙو وزيراعظم آهي جيڪو عوام جي لاءِ فر??خد??ي ۽ ان جي خدمت جو جذبو رکي ٿو، اڄ ملڪ ۾ اهڙو چونڊيل وزيراعظم آهي جيڪو عوامي ۽ قومي سلامتي جي ايشوز کي پنهنجي سياست جي لاءِ استعمال نه ٿو ڪري.