اسلام آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر سان چيني ناظم الامور پينگ چنڪسو پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. مملڪتي وزير ان موقعي تي چيو ته پاڪستان چين سان پنهنجي لازوال اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرش?? کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته پاڪستان جي بنيادي مسئلن ۽ ترقي جي ڏس ۾ چين جي پراڻي حمايت کي ساراهيون ٿ??. ح??ا رباني کر چيو ته پاڪستان بي آر آئي ج?? اهم منصوبي سي پيڪ جي رفتار ۾ تيزي آڻڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته سي پيڪ تحت خصوصي اقتصادي زونز ۾ وڌندڙ چيني سيڙپڪاري جي آجيان ڪريون ٿا.