اسلام آباد – 07 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آه?? ته وزيراعظم پيڪا ايڪٽ 2016ع جي حوالي سان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي خلاف ايف آءِ اي جي سپريم ڪورٽ ۾ داخل درخواست جو سختي سان نوٽيس وٺندي چيو آه?? ڄاڻايل پٽيشن فوري طور تي واپس ورتي وڃي ٿي جيڪا حڪومتي پاليسي ۽ اظهار راءِ جي آزادي جي اصول جي خلاف آه??. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته وزيراعظم ۽ مون کي ڪجهه دير اڳ خبر پئي ته ايف آءِ اي پيڪا ايڪٽ 2016ع جي حوالي سان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي آه?? ته جيئن ايڪٽ جي سيڪشن 20 کي بحال ڪيو وڃي. مريم اورنگزيب چيو ته ڄاڻايل پٽيشن حڪومت جي پاليسي ۽ اظهار راءِ جي آزادي کي يقيني بڻائڻ جي اصول جي خلاف آه??، تنهن ڪري ان کي واپس ورتو وڃي ٿو. هن چيو ته وزيراعظم درخواست دا??ل ٿيڻ جو سختي سان نوٽيس ورتو آه??، بدقسمتي سان درخواست دا??ل ٿيڻ جي خبر اسان تائين پهچڻ ۾ ٿوري دير ٿي ڇو ته اسان ٻنپهرن جي و??ت بش??م ۾ هئاسين جتي ڪي موبائيل سنگل نه هئا.