اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪ ??ين دوستي سڄي دنيا ۾ هڪ مثال آهي، اسٽري??جڪ پارٽنرشپ ۽ سفارتي لاڳاپن سان پاڪ ??ين دوستي جو آغاز ٿيو، اقتصادي لنگهه جهڙا منصوبا پاڪستان جي اندر اقتصادي خوشحالي ۽ اسٽري??جڪ پارٽنرشپ سميت خطي جي نوجوانن ۽ ايندڙ نسلن لاءِ معاشي ترقي ۽ خوشحالي جو مظهر آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي پاڪ ??ين سفارتي لاڳاپن جا 71 سال مڪمل ٿيڻ تي وزيراعظم جي خصوصي هدايت تي چيني قونصليٽ جي دوري جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪ??دي ڪيو. ان موقعي تي هن وزيراعظم شهباز شريف جو خصوصي پيغام به پڙهي ٻڌايو. وفاقي اطلاعات واري وزير چيو ته اڄ پاڪ ??ين سفارتي لاڳاپن جا 71 سال مڪمل ٿيا، اڄ هڪ تاريخ جو ڏينهن آهي، پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ لاڳاپا ان لاءِ به خاص اهميت رکندڙ آهن ته اهي ٻنهي ملڪن جي عوام سان شروع ٿيندا آهن، ٻنهي ملڪن جي عوام محبت جي لازوال رشتي ۾ ٻڌل آهي، هن چيو ته جڏهن به چين جو ڪو به منصوبو پاڪستان ۾ ايندو آهي ته اسان کي يقين هوندو آهي ته اهو اسان جي فائدي لاءِ هوندو، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪراچي ۾ دهشتگر??ي جو هڪ افسوسناڪ واقعو ٿيو، اهڙا واقعا پاڪ ??ين لاڳاپن کي سبوتار ڪرڻ جي ڪوشش آهن، ان واقعي کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف سيڪيورٽي ۽ انفرااسٽرڪچر ميڪينزم جو نئين سر جائزو ورتو ۽ هن وقت هو سڀني معاملن کي پاڻ مانيٽر ڪري رهيو آهي، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جڏهن ڪراچي جو واقعو پيش آيو ته وزيراعظم شهباز شريف س??ئي مصروفيتون ختم ڪري چيني قونصليٽ آيو، وزيراعظم پاڪ ??ين لاڳاپن کي سبوتار ڪرڻ جي ڪوششن کي ناڪام بڻائي??دي سيڪيورٽي ميڪينزم کي بحال ڪيو، هن چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ پاڻ ۾ گڏيل احترام ۽ اعتماد جو رشتو آهي، هتي ڪيترائي منصوبا آهن جيڪي سدائين لاءِ پاڪ ??ين دوستي کي لازوال رشتي ۾ جوڙيندا آهن، اطلاعات واري وفاقي وزير ان تاريخي ڏينهن جي موقعي تي چين جي عوام ۽ حڪومت کي مبارڪباد پيش ڪ??دي چيو ته وزيراعظم جي مستقل خواهش آهي ته چين سان دوستي ۽ اعتماد جي رشتي کي نئين بلندين تائين پهچايو وڃي ۽ ان رشتي کي مضبوط بڻايو وڃي. اطلاعات واري وفاقي وزير پاڪ ??ين سفارتي لاڳاپن جا 71 سال مڪمل ٿيڻ تي ڪيڪ به ڪٽيو ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد به موجود هئي.