اسلام آباد – 26 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم ??هب??ز شريف سلمان صوفي کي پرائم منسٽر اسٽريٽجڪ ريفارمز جو سربراهه مقرر ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب سلمان صوفي رضاڪاراڻي طور تي اها ذميداري سرانجام ڏيندو. سلمان صوفي، مدر ٽريسا ايوارڊ يافته پبلڪ پاليسي جو ماهر آهي جيڪو سم??جي ڀل??ئي جي منفرد منصوبن کي متعارف ڪ??ائڻ ۾ مشهور مقام رکي ٿو. هن پنجاب ويمن پروٽيڪشن ايڪٽ، وائلنس اگينسٽ ويمن سينٽر، ويمن آن ويلز ۽ شهر خموشان سميت ڪيتر??ئي عوام دوست منصوبا متعارف ڪ??ايا آهن. هو ??هب??ز شريف جي پنجاب جي وڏ و??ارت دوران ڊي جي اسٽريٽجڪ ريفارمز يونٽ مقرر هو، سلمان صوفي کي دنيا ۾ عورتن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ پنج مشهور ماڻهن ۾ شامل ڪيو ويو جنهن ۾ موجوده آمريڪي صدر جوبائيڊن به شامل آهي، کيس وائٽل وائسز ايوارڊ سان به نوازيو ويو. سمورين وزارتن کي هدايت به ڪئي وئي آهي ته هو وزيراعظم جي سڌارن واري ايجنڊا کي پڄاڻي تائين پهچائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪن.