اسلام آباد – 29 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن ??ي امن سپاهه جي عا??مي ڏينهن تي پاڪستاني امن د??تن جي ڪوششن ۽ قربانين کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته عالمي امن جو فخر جوڳو فرض نڀائيندڙ گڏيل قومن ??ي امن د??تن کي سلام پيش ڪريون ٿا، گڏيل قومن ??ي امن ڪاررواين ۾ سڀ کان وڌيڪ 2 لک دستا فراهم ڪرڻ پاڪستان ??ي امن دوستي ۽ امن پسندي جو اظهار آهي. گڏيل قومن ??ي امن سپاهه جي عا??مي ڏينهن جي مو??عي تي پنهنجي سيريز آف ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستاني امن سپاهه جي قربانين ۽ ڪوششن جو موجوده سيڪريٽري جنرل سميت گڏيل قومن ??ي اداري ۽ عا??مي سطح تي اعتراف اعزاز آهي، 1960ع کان 2022ع تائين پاڪستاني امن د??تن ۾ شامل آفيسرن ۽ جوانن قابل فخر ۽ مثالي ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته قوم جي فرزندن ۽ ڌيئرن سڄي دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ، انساني خدمت ۽ مثالي پيشيواراڻي صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو. وزيراعظم چيو ته امن ڪاررواين جي دوران پاڪستان جي 169 فزندن شهادت جو عظيم مرتبو ماڻيو، اسان شهيدن کي سلام پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ پاڪ فوج جي پيشيواراڻي طرز عمل ۽ مشڪل ترين حالتن ۾ مثالي ڪارڪردگي جو اعتراف فخر جوڳو آهي، امن ڪاررواين جي لاءِ هٿياربند فوج، رينجرز، ايف سي ۽ پوليس جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا.