اسلام آباد – 30 211; جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هز هائينس آغا خان کي اسماعيلي برادري جي امامت جا 65 سال مڪمل ٿيڻ تي دلي مبارڪباد ڏني آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ??در اسماعيلي برادري جي اڳواڻ آغا خان جي نالي خط ۾ چيو آهي ته ??وهان جي دورانديش قيادت ۾ آغا خان ڊيولپمينٽ نيٽ ورڪ پاڪستان جي سماجي ۽ معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ??غا خان ڊيولپمينٽ نيٽ ورڪ عوامي خدمتن ۽ ڀلائي جي ش??بي ۾ بي مثال خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. صدر چيو ته ??ئون ۽ پاڪستاني عوام ڪم??ور طبقن جي ڀلائي لاءِ توهان پاران ڪيل ڪوششن تي ٿورا مڃون ٿا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته منهنجي دعا آهي ته ??لله تعاليٰ توهان کي ماڻهن جي وڌيڪ خدمت ڪرڻ جو حوصلو ۽ توفيق ڏي.