اسلام آباد – 30 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۽ سوئيٽزرلينڊ جي وچ ۾ ڌرين جي گڏيل مشاورت کانپوءِ آزاداڻي معاهدي تي جلد صحيحون ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته معاهدي سا?? واپار ۽ معيشت جي شعبن ۾ بهتر ۽ تيز رفتار تعاون جو باضابطا فريم ورڪ ملندو. ايوان صدر جي پريس ونگ ??وجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار سوئيٽزرلينڊ جي عهدو ڇڏيندڙ سفير بينيڊڪٽ ڊي سرجٽ سا?? ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. هن چيو ت?? عالمي برادري ڀارت ۾ وڌندڙ اسلامو فوبيا ۽ شدت پسندي جو سنجيدگي سا?? نوٽيس وٺي، عالمي برادري ڀارت ۾ اقليتن کي ڊيڄارڻ ڌمڪائڻ ۽ اسلامو فوبيا سا?? واڳيل تشدد جي واقعن کي روڪڻ جي لاءِ بامعنيٰ قدم کڻي. صدر چيو ت?? دنيا جي ڪنهن به حصي مان ايندڙ پناهگيرن سا?? هڪ جهڙو سلوڪ ڪرڻ گهرجي، پناهگيرن کي رنگ، نسل، مذهب يا علائقي جي فرق کانسواءِ سهولتون ۽ پناهه ڏيڻ گهرجي. صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ت?? عالمي برادري تڪرارن جو شڪار ملڪن ۾ ڇڪتاڻ ۽ بدامني کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ عملي قدم کڻي، ڇڪتاڻ جو شڪار ملڪن ۾ امن جي لاءِ سازگار حالتون پيدا ڪيون وڃن ته جيئن انهن جي آبادي کي پناهگير بڻجڻ کان روڪي سگهجي. صدر چيو ت?? پناهگيرن جي انگ ۾ گهٽتائي آڻڻ سا?? ميزبان ملڪن تي بار گهٽ پوندو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ت?? پاڪستان سياحت ۽ مهمان نوازي جي شعبن ۾ سوئيٽزرلينڊ جي تجربي مان فائدو کڻي سگهي ٿو. صدر اميد ظاهر ڪئي ته عهدو ڇڏيندڙ سفير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياحت بابت تعاون جي مڪمل صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ ڪم ڪندو، پاڪستان معيشت ۽ واپار ۾ سوئيٽزرلينڊ سا?? ڊگهي مدي واري حصيداري کي قدر جي نگاهه سا?? ڏسي ٿو. صدر چيو ت?? پاڪستان ملڪ جي سماجي ۽ ا??تصادي ترقي ۾ سوئيٽزرلينڊ جي ڪردار کي ساراهي ٿو. هن سوشل ميڊيا ذريعي پاڪستان جي سا??ٽ اميج کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ سفير جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ت?? سوئيٽزرلينڊ پاڪستان ۾ فوڊ پروسيسنگ، فارماسيوٽيڪل، ڪيميڪل ۽ ا??جنيئرنگ جي شعبن ۾ ڇهون وڏو سيڙپڪار آهي. صدر عهدو ڇڏيندڙ سفير کي پاڪستان ۾ ڪامياب مدو مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني.