اسلام آباد – 08 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪامن ويلٿ گيمز ۾ گولڊ ميڊل حاصل ڪرڻ تي ارشد نديم کي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي ٽو??يٽ ۾ صدر ارشد نديم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته هن پاڪستان ۽ پاڪستاني قوم جو ڳاٽ فخر سان بلند ڪر?? ڇڏيو. صدر چيو ته جيولن ٿرو مقابلي ۾ پاڪستاني رانديگر ارشد نديم پنهنجو پهريون گولڊ ميڊل حاصل ڪيو?? جنهن تي کيس مبارڪباد پيش ڪريون ٿا، جيولن ٿرو ۾ تاريخ لکندي گولڊ ميڊل حاصل ڪرڻ تي ارشد نديم مبارڪباد جو مستحق آهي. قوم ??ي توهان تي فخر آهي.