اسلام آباد – 11 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف اقليتن ??ي ڀلائي، قومي ترقي جي جدوجهد ۾ انهن جي مڪمل شموليت جي ??اء?? ڪوششون جاري رک?? ۽ ??سيلن کي استعمال ۾ آڻڻ جي ??اء?? حڪومت جي عزم کي ورجائيندي چيو ته پاڪستان بنا ڪنهن ذات، رنگ، نسل ۽ مذهب جي فرق کانسواءِ اسان سڀني جو آهي ۽ اسان کي گڏجي ان جي ترقي ۽ خوشحالي ??اء?? جدوجهد جاري رکڻي پوندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار اقليتن جي قومي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته هر سال پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي ۾ اقليتن جي اهم ??ردار کي خراج تحسين پيش ڪرڻ انهن جو اسان جي عظيم ??وم جو لازم حصو هج?? ۽ ??ذهبي اقليتن جي احترام جي عزم جو ورجاءُ ڪرڻ جي ??اء?? 11 آگسٽ کي ”قومي اقليت ڏهاڙي“طور ملهايو ويندو آهي. هن جو چوڻ هو ته اسلام ۽ امن ۽ رواداري جو مذهب آهي، قرآن پاڪ موجب دين جي معاملي ۾ ڪو جبر نه آهي، اهو قرآني حڪم سنت نبوي صه سان گڏجي ان اصول جي بنياد فراهم ??ري ٿو جيڪو قائداعظم محمد علي جناح 11 آگسٽ 1948ع تي قوم کي پنهنجي خطاب ۾ بيان ڪيو هو. وزيراعظم چيو ته اسان جي آئين ۾ مذهبي جي آزادي ۽ اقليتن جي ماڻهن ۽ ملڪيتن جي تقريم کي باقاعده قانوني شڪل ڏني وئي آهي. حڪومت کي نه رڳو انهن ذميوارين جي چڱي ريت خبر آهي پر انهن مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي ??اء?? پنهنجي عزم جي مستقل خاطري طور تي حڪومت 11 آگسٽ تي سرڪاري سطح تي شاندار طريقي سان قومي اقليتي ڏهاڙو ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته انهن سببن جو خاتمو ۽ خامين جي اصلاح ڪرڻ جيڪا سماجي ۽ مذهبي استحصال جو سبب بڻجي سگهي ٿي اسان جي حڪومت جي پاليسين جو بنيادي ستون آهي، سماجي ۽ اقتصادي خليج کي پورو ڪرڻ ۽ اقليتن جي ??اء?? تعليمي ادارن ۽ نمايان خدمتن جي فراهمي ??اء?? نمائنده فورمز تي خصوصي ڪوٽا مخصوص ڪرڻ جهڙن قدمن سان قومي سطح تي هر ڪنهن کي هڪ جهڙي تعليم ۽ ترقي جي موقعن جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. ان کانسواءِ اقليتن جي معاشي طور تي ڪمزور طبقن جي حقن جي يقيني تحفظ ۽ ترقي جي ??اء?? مالي امداد به انهن قدمن جو حصو آهي. وزيراعظم چيو ته آئون اقليتن جي بهتري ۽ قومي ترقي جي ڪوششن ۽ جدوجهد ۾ انهن جي مڪمل شموليت ??اء?? پنهنجون ڪوششون جاري رکڻ، وسيلن کي استعمال ۾ آڻڻ ۽ انهن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪريان ٿو. هن چيو ته آئون ان موقعي تي سڀني اقليتي برادرين کي به اپيل ڪريان ٿو ته هو رواداري ۽ گڏيل اتفاق جي فضا کي فروغ ڏيڻ جي ??اء?? پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهن ڇو ته اسان جي معاشري ۾ اهو ئي واحد رستو آهي جيڪو بين المذاهب هم آهنگي ۽ امن کي فروغ ڏيڻ جي ??اء?? گڏيل مقصدن کي حاصل ڪرڻ جو سبب بڻجندو. هن جو چوڻ هو ته پاڪستان بنا ڪنهن ذات، رنگ، نسل ۽ مذهب جي فرق کانسواءِ اسان سڀني جو آهي ۽ اسان سڀ گڏجي ان جي ترقي ۽ خوشحالي ??اء?? پنهنجي جدوجهد جاري رکڻي آهي.