فيصل آباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) ايف ڊي اي جي اهتمام هيٺ 75 هون ڊائمنڊ جوبلي آزادي ڏهاڙو اڄ شاندار طريقي سان م??هايو ويندو جنهن جي لاءِ ايف ڊي اي ڪمپليڪس ۽ سمورين ذيلي آفيسن کي قومي جهنڊن ۽ لائيٽن سان انتهائي خوبصورتي سان سجايو ويو آهي. ايف ڊي اي جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر محمد زاهد اڪرم قوم کي آزادي جي ڏهاڙي جي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته جشن آزادي جي گهرج آهي ته پاڪستان کي تيز رفت??ر ترقي جي ر??هه تي گامزن ڪرڻ جي لاءِ قومي سطح تي پنهنجي عزم کي وڌيڪ پڪو ڪريون ۽ ملڪ ۽ قوم جي خدمت ۾ هر شهري پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي.