سرينگر- 01 سيپٽمبر (اي پي پي) ڀارت جي غي?? قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ قابض انتظاميه آزادي جي تحريڪ جي عظيم قائد سيد علي گيلاني جي پهرين ورسي تي اڄ ماڻهن کي سرينگر جي علائقي حيدر پوره ۾ سندس قبر ??ي فاتحه خواني کان روڪڻ لاءِ سخت پابنديون لاڳو ڪيون ويون آهن، ڪشمير ميڊيا سروس موجب وادي ڪشمير ۾ ڪيترن ئي جاين تي چيڪ پوسٽون قائم ڪيون ويون آهن جتي ماڻهن جي تلاشي ورتي پئي وڃي، حيدر پوره ۾ به وڏي تعداد ۾ ڀارتي فوج ۽ پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن ته جيئن ماڻهن کي شهيد اڳواڻ جي قبر ??ي فاتحه خواني ڪرڻ کان روڪي سگهجي. ڪنهن کي به علائقي ?? داخل ٿيڻ جي اجازت نه پئي ڏني وڃي. والاريل علائقي ۾ سيد علي گيلاني جي ورسي جي تي اڄ جي هڙتال جي ڪال ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس ڏني آهي، سيد علي گيلاني جي روح جي ايصال ثواب لاءِ وادي ڪشمير ۽ ڄمون خطي جي مختلف حصن ۾ دعائن جون ويهڪون ٿيون.