اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) ٻوڏ واري پاڻي بلوچستان، سنڌ، ڏکڻ پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ تباهي مچائي ڇڏ?? آهي جنهن جي نتيجي ۾ ڪيتريون ئي قيمتي جانيون ضايع ٿيون آهن. ٻوڏ متاثرن کي فوري خوراڪ، طبي امداد ۽ خشڪ راشن جي سخت ضرورت آهي،. پاڪ فصائيه ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ ريسڪيو ۽ رليف جي عمل ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺي ره?? آهي. پاڪ فضائيه جا هيلي ڪاپٽر ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻ سان گڏوگڏ خوراڪ ۽ طبي سامان پهچائڻ ۾ به سرگرم عمل آهن. مسلسل خوراڪ ۽ طبي امداد ??راهم ڪرڻ لاءِ فلڊ رليف ڪيمپ ۽ سيف ٽينٽ سينٽر قائم ڪيا ويا آهن. پاڪ فضائيه جي ترجمان موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران پاڪ فضائيه جي ٽيمن 26125 پڪل کاڌي جا ??يڪ??ٽ، 1000 پاڻي جون بوتلون، بنيادي کاڌي پتي جي شين تي ٻڌل 2475 خشڪ راشن جا ??يڪ?? ضرورتمند خاندانن ۾ ورهايا آهن ان سان گڏ 1437 خيما لڳايا ويا آهن جيڪي 11720 ماڻهن کي امداد ??راهم ڪري رهيا آهن، جڏهن ته مفت خوراڪ ۽ رهائش کانسواءِ پاڪ فضائيه جون ميڊيڪل ٽيمون فيلڊ ميڊيڪل ڪ??مپن ۾ 2810 مريضن جو طبي معائنو به ڪيو.