ڊيره اسماعيل خان – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ وڏي پئماني تي وسيلا گهربل هوندا جڏهن ته متاثرين کي هر ممڪن وسيلا فراهم ڪنداسين، ٽانڪ ۾ 100 گهرن تي ٻڌل بستيءَ جو ٻن هفتن کانپوءِ افتتاح ڪندس، گهرن ج?? تعمير جي لاءِ روڪ رقم ڏيڻ يا گهر تعمير ڪري ڏيڻ تي غور ڪري رهيا آهيون، برساتن ج?? ڪري ٻوڏ جي نقصانن کان بچڻ جي لاءِ ننڍين ڊيمن ج?? تعمير ڪرڻي پوندي، پ??ئي??ار منصوبا ٺاهڻا پوندا، متاثرين ج?? امداد شفاف طريقي سان انهن تائين پهچائينداسين ۽ ان تي ڪو ٺاهه نه ڪنداسين. وز??راعظم ڊيره اسماعيل خان ج?? ٻوڏ کان متاٿر سگو پل جو دورو ڪيو. ان موقعي تي وز??راعظم کي ٽريفڪ جي بحالي ۽ ٻين امدادي سرگرمين تي بريفنگ ڏني وئي. وز??راعظم کي ٻڌايو ويو ته رستن ۽ پلين ج?? بحالي جي لاءِ اين ايڇ اي ڏينهن رات ڪم ڪيو. ٻوڏ متاثرين ج?? مدد جي لاءِ سمورا ادارا گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن. ان موقعي تي مولانا فضل الرحمان، مواصلات وارو وز??ر مولانا اسعد محمود، انجنيئر امير مقام پڻ موجود هئا. سگو پل جي دوري جي موقعي تي ڳالهائيندي وز??راعظم چيو ته آئون هڪ ڀيرو ٻيهر مصيبت جي هن گهڙيءَ ۾ صورتحال جي جائزي جي لاءِ توهان وٽ حاضر ٿيو آهيان. گذريل ڀيري ٽانڪ ۽ ڊيره آيو هئس ته ان وقت هي علائقا تازي برساتن ج?? تباهي کان اڳ جي ريلي ۾ مشڪل مان نڪري رهيا هئا. پنهنجي ساٿين سان گڏ وڃي متاثرين کي تسلي ڏني هئي ته هن وقت مشڪل وقت آهي ۽ قدرتي آفت آهي پر الله جي مدد سان وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون، ادارا ۽ پاڪ فوج گڏجي پسند ناپسند ۽ سياست کان مٿانهون ٿي علائقي جي خدمت لاءِ ڪم ڪندا. هن چيو ته مولانا فضل الرحمان، اسعد محمود ۽ امير مقام سميت صوبائي قيادت کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا جن پنهنجي سگهه موجب ڀرپور ڪم ڪيو. پاڪ فوج جا ٿورا مڃون ٿا جنهن هر جڳهه تي متاثرين کي مدد فراهم ڪئي ۽ پنهنجي صلاحيت کان وڌيڪ ڏينهن رات انسانيت جي خدمت ڪري رهيا آهن. هن چيو ته قمبر شهدادڪوٽ ۽ سنڌ جي ٻين متاثر علائقن ۾ جيستائين نظر پوي ٿي پاڻي بيٺل آهي، بلوچستان، خيبرپختونخواهه ۾ تباهي ٿي آهي. سوات ۾ درياءَ جي اندر تعمير سنگين غلطي هئي، اتي قطعي طور تي تعميرات جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي ها، اتي ٻوڏ ريلي تباهي ڪئي. لوئر ڪوهستان ۾ 5 ماڻهو 5 ڪلاڪن تائين تيز لهرن ۾ بيٺل رهيا ۽ الله کي پيارا ٿي ويا. هن چيو ته غذر ۾ ڳوٺ?? جو نالو نشان نه رهيو. هڪ خاندان جا 8 ماڻهو فوت ٿي ويا. هڪ ٻارڙي ۽ ان ج?? خاندا?? جو معذور ڀاتي زندهه بچيا، انهن کي يقين ڏياريو ته انهن ج?? هر ممڪن مدد ڪنداسين. اتان ج?? مقامي ماڻهن کان به اميد آهي ته انه?? جو خيال رکندا. هن چيو ته ان کان اڳ پاڪستان ۾ ان کان وڌيڪ تباهي ناهي ڏٺي. گذريل حڪومت وسيلن ج?? بربادي ڪئي. اسان کي سياست کي هڪ طرف رکي خدمت ڪرڻي آهي. وفاق ۾ حڪومت مخلوط آهي. هن حڪومت پهرين 28 ارب رپيا متاثر خاندانن ج?? لاءِ رکيا. 25 هزار رپيا في خاندان ڏنا پيا وڃن. انهن ۾ 20 ارب رپيا شفاف طريقي سان بي آءِ ايس پي جي ذريعي ورهائجي چڪا آهن. ٻوڏ جي تباهين ج?? وڌڻ سان حقيقتن ج?? بنياد تي ڪاٿو هاڻي 70 ارب رپين تائين پهچي ويو آهي. اهو مالي بار وفاقي حڪومت برداشت ڪري رهي آهي باقي خرچ ان کانسواءِ آهن. ان کانسواءِ فوت ٿيندڙن ج?? لاءِ 10، 10 لک في ڪس ڏئي رهيا آهيون. سنڌ ۽ ٻين متاثر علائقن ۾ لکين ايڪڙ تي بيٺل فصلون تباهه ٿي ويون. وفاقي حڪومت چئني صوبن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ متاثرين ج?? لاءِ اهي وسيلا فراهم ڪري رهي آهي. صوبا به پنهنجي وسيلن مان ڏئي رهيا آهن. انهن کي به وڌيڪ وسيلا فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. وز??راعظم چيو ته اين ڊي ايم اي جي ذريعي 2 لک خيما چئني صوبن کي نقصانن ج?? ڪاٿي موجب فراهم ڪنداسين. هن چيو ته اين ايڇ اي، وز??ر ۽ مواصلات واري سيڪريٽري متاثر رستن ج?? بحالي جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهن. اسان اهو نه ڏٺو ته وفاق يا صوبن ڪنه?? جو ڪم آهي. اسان پنهنجو ڪم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته جن علائقن ۾ پاڻي بيٺل آهي اتي وبائي مرض?? جو چئلينج درپيش آهي. هتي صحت جي سهولتن ج?? فراهمي ۽ متاثر علائقن ۾ نئين سر تعمير جي لاءِ کربين رپيا گهربل هوندا. هي تمام وڏو چئلينج آهي. دوست ملڪن پاران امداد جي فراهمي تي انهن جا ٿورائتا آهيون. متاثرين کي ملندڙ امداد جي هڪ هڪ پائي شفاف طريقي سان انهن تائين پهچائينداسين. ان تي ڪو ٺاهه نه ڪنداسين. حقدار کي هر صورت ۾ ا?? جو حق ڏياريو ويندو. وز??راعظم چيو ته ٽانڪ ۾ هڪ سرندي واري شخص جي مالي تعاون سان 2 ڪمرن تي ٻڌل 100 گهر?? جو 2 هفتن کانپوءِ افتتاح ڪندس، جيڪڏهن اهو منصوبو ڪامياب ٿيو ته ان کي سمورن متاثر علائقن تائين وڌائينداسين. هن چيو ته ٻوڏ ۽ برساتن سان لکين گهر تباهه ٿيا آهن. انهن کي معاوضو ادا ڪرڻو آهي. جڏهن ته ان ج?? لاءِ اهو سوال اٿي رهيو آهي ??ه گهرن ج?? تعمير جي لاءِ روڪ رقم ڏني وڃي يا گهر ٺاهي ڏنا وڃن. ان ۾ ڪجهه خدشا به آهن. ڪجهه آسانيون ۽ ڪجهه مشڪلاتون به آهن. وز??راعظم چيو ته موجوده ٻوڏ برسات جي ڪري آهي. چوماسي ۾ ٻوڏ دريائن ۾ طغياني جي ڪري اچي ٿي، ان ج?? لاءِ مستقل منصوبابندي ڪرڻي پوندي. ننڍا ڊيم ۽ پ??ئي??ار منصوبا ٺاهڻا پوندا. ان صورتحال هر شيءَ کي تباهه ڪيو آهي. ان سان غربت سميت ڊگهي عرصي تائين اثر پئجي سگهن ٿا. هن چيو ته اهي سموريون صوبائي حڪومتن، ادارن، پاڪ فوج، فلاحي تنظيمن جا ٿورائتا آهيون ج??ڪي متاثرين ج?? لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن. هن متاثرين کي چيو ته اهي صبر کان ڪم وٺن. آخر شخص ۽ گهر جي آبادڪاري تائين سک سان نه ويهنداسين. وز??راعظم چيو ته آئون پنهنجون ذميواريون نڀائيندي هر جڳهه تي وڃي رهيو آهيان. متاثرين کي هر حال ۾ وسيلا فراهم ڪنداسين. اسان کي صبر، اتحاد ۽ اتفاق سان ڪم وٺڻو پوندو. انصاف ۽ شفافيت اسا?? جو مقصد هوندو. ان موقعي تي پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم اي) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان وز??راعظم جا ٿورا مڃون ٿا جو هن مشڪل وقت ۾ اسان ج?? دادرسيءَ ڪئي ۽ پاڻ هتي آيو. اين ايڇ اي ۽ بين ادارن ڏينهن رات ڪم ڪيو جنهن تي انهن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. فوجي جوانن مقامي ماڻهن ۽ امدادي تنظيمن سان گڏجي ٻوڏ ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍيو، اسان انهن ج?? دل سان قدر ڪريون ٿا. متاثرين ج?? لاءِ کاڌو ۽ امداد پهچائي. هن چيو ته ٻوڏ کان بچاءُ جي لاءِ مستقل بنيادن تي منصوبابندي ۽ قدمن ج?? ضرورت آهي. جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته تباهيون جاري رهنديون. مفتي محمود اسپتال ۾ پاڻي چڙهي ويو. آبادي کي بچائڻ جي لاءِ وڏا رستا ڪاٽيا ويا. اين ايڇ اي فوري ڪارروائي ڪري رستا بچايا. بلوچستان ماڻهو اڃا تائين پاڻي ۾ ڦاٿل آهن. سوات، دير، ڪوهستان ۾ تمام گهڻيون تباهيون ٿيون آهن. نقصانن جا سمورا تفصيل وز??راعظم آڏو رکيا آهن ته جيئن دل کولي متاثرين ج?? مدد ڪري سگهجي.