ثمرقند – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ازبڪستان جي ??وري جي موقعي تي هوائي اڏي تان سڌو ثمرقند ۾ حضرت خضر ڪمپليڪس ويو ۽ ازبڪستان جي ??اني اڳواڻ اسلام ڪريموف جي مزار تي حاضري ڀري. ان موقعي تي ازبڪستان جي ??عليٰ قيادت، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف ۽ ناڻي وارو وفاقي وزير مفتاح اسماعيل پڻ ان سان گ?? هو. وزيراعظم ازبڪستان جي ??اني اسلام ڪريموف جي مزار تي حاضري ڀري ۽ فاتحه خواني ڪئي. اٺين صديءَ ۾ تعمير ٿيندڙ مسجد خضر فن ??عمير جو بهترين شاهڪار آهي. واضح رهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم جي مملڪتي سربراهن جي ??الياني اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ٻن ڏينهن جي ??وري تي ثمرقند پهتو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب دوري دوران وزيراعظم تاجڪستان جي ??در امام علي رحمان ۽ ازبڪستان جي ??در شوڪت مرزئيوف سان جدا جدا ملاقات ڪندو. بعد ۾ وزيراعظم روسي صدر ولاديمير پيوٽن سان ملاقات ڪندو. وزيراعظم ايراني صدر ابراهيم رئيسي، بيلاروس جي ??در اليگزينڊر گريگوري – وچ لوڪا- شينڪو ۽ ڪرغزستان جي ??در سيد رجاپاروف سان پڻ جدا جدا ملاقات ڪندو. ان ک??نپ??ءِ وزيراعظم ازبڪ صدر پاران مملڪتي سربراهن جي مان ۾ ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪندو. آجياڻي ک??نپ??ءِ وزيراعظم ترڪيه جي ??در رجب طيب اردوان سان ملاقات ڪندو.