نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير ب??اول ڀٽو زرداري چيو آهي ته گڏيل قومن جي منشور، اصولن تي پنهنجي وابستگي، اعتماد کي ورجائڻ، انهن اصولن جي بنياد تي وڏي ۽ ننڍين رياستن جي وچ ۾ تڪرا??ن جي حل کي فروغ ڏيڻ ضروري آهي، گذريل 7 ڏهاڪن دوران ڀارت ڄمون ۽ ڪشمير تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد جي لاءِ گڏيل قومن جي مڪينزم جي ڪوششن ۾ رڪاوٽون وڌيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي ثالثي جي ذريعي انساني بحران کان بچڻ بابت گڏيل قومن جي ثالثي دوست گروپ جي 12 هين وزارتي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته بليڪ سي گرين انيشيٽو جي ڪاميابي سان ثالثي ڪرڻ تي گڏيل قومن جي سي??ري??ري جنرل ۽ ترڪيءَ جي صدر اردوان جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. هن چيو ته تڪرا??ن جي روڪٿام ۾ گڏيل قومن جو اهم ڪردار آهي، گڏيل قومن جو منشور بحران جي تڪرا??ن جي حل لاءِ هڪ ٺوس فريم ورڪ آهي، تڪرا??ن جي ڪنهن به مرحلي تي سلامتي ڪائونسل ڌرين کي پنهنجي تڪرا??ن جي حل جي مناسب طريقيڪار يا طريقن جي سفارش ڪري سگهي ٿي جنهن ۾ منشور جي باب 6 تحت ثالثي به شامل آهي. هن چيو ته آرٽيڪل 37 ۽ 38 تحت سلامتي ڪائونسل جي ڌرين کي حل جي ش??ن جي سفارش ڪرڻ جو اختيار ب?? حاصل آهي، جيڪڏهن اهي ان جي درخواست ڪن ٿا يا جيڪڏهن ڪائونسل اهو سمجهي ٿي ته انهن جي وچ ۾ تڪرا??ن جو جاري رهڻ ۽ حقيقتون عالمي امن ۽ سلامتي جي قيام کي خطري ۾ وجهي سگهن ٿا، سلامتي ڪائونسل ان بنيادي مينڊيٽ تي عملدرآمد جي لاءِ ثالثي ڪرڻ جي لاءِ ذيلي ادارا به قائم ڪي?? آهن. هن چيو ته منشور تي صحيحون اٽڪل 77 سالن کانوءِ امن ۽ سلامتي کي درپيش چئلينجز ۽ خطرا وڌيڪ پيچيده آهن پر چارٽر جي مقصدن ۽ اصول بدستور درست ۽ ناقابل تغير آهي، انهن اصولن تي پنهنجي وابستگي ۽ اعتماد کي ورجائڻ ۽ انهن اصولن جي بنياد تي وڏي ۽ ننڍين رياستن جي وچ ۾ تڪرا??ن جي حل کي فروغ ڏيڻ ضروري آهي. پرڏيهي وزير چيو ته سي??ري??ري جنرل جو امن جي لاءِ سف??رت??اري ۾ اضافي جو بار بار مطالبو فوري ۽ اهم آهي ۽ سف??رت??اري جي ان مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ گڏيل قومن کي تڪرا??ن جي حل لاءِ ثالثي سميت ٻين ذريعن کي استعمال ۾ آڻڻ گهرجي. هن چيو ته جيتوڻيڪ گڏيل قومن کي تڪرا??ن جي سياسي حل ۾ ثالثي ڪرڻ ۾ ڪي??ري??ن ئي ڪاميابيون مليون آهن پر ان کي وڌيڪ ڪاميابين جي لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جو تڪرار ڪائونسل جي ايجنڊا تي پراڻن تڪرارن مان هڪ آهي، شروع ۾ سلامتي ڪائونسل فيصلو ڪيو ته رياست ڄمون ۽ ڪشمير جو حتمي فيصلو عوام جي امنگن موجب حل ڪيو ويندو جنهن جو اظهار جمهوري طريقي سان گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ آزاداڻي ۽ غيرجانبدراڻي راءِ شماري جي ذريعي ڪيو ويندو، سلامتي ڪائونسل ڄمون ۽ ڪشمير بابت پنهنجي فيصلن تي عملدرآمد جي لاءِ ڪي??رائي مڪينزم به قائم ڪي??، انهن ۾ گڏيل قومن جي ڀارت ۽ پاڪستان بابت ڪميشن، پاڪستان ۽ ڀارت ۾ گڏيل قومن جي فوجي مبصر گروپ جي مقرري ۽ پاڪستان ۽ ڪي??رن ئي خصوصي نمائندن جي مقرري شامل آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بدقسمتي سان گذريل 7 ڏهاڪن دوران ڀارت ڄمون ۽ ڪشمير تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد جي لاءِ گڏيل قومن جي مڪينزم جي ڪوششن ۾ رڪاوٽون وڌيون، ڀارت جي غيرقانوني قدمن جو تسلسل 5 آگسٽ 2019ع تي ۽ ان کانپوءِ کان ڄمون ۽ ڪشمير جي والاريل علائقي کي قانوني جواز يا راءِ شماري کانسواءِ الحاق ڪرڻ جي هڪطرفي قدمن مان ظاهر ٿيو، ان مقصد جي لاءِ پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ سي??ري??ري جنرل پاران وڌيڪ فعال ڪردار جو خواهشمند آهي. هن گڏيل قومن جي سي??ري??ري جنرل تي زور ڏنو ته هو گڏيل قومن جي منشور جي آرٽيڪل 99 تحت ثالثي جي قدمن کي استعمال ۾ آڻي ته جيئن ڀارت کي پنهنجي هڪطرفي قدمن کي واپس وٺڻ ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرا??ن جي منصفاڻي حل تي عملدرآمد تي راضي ڪري سگهجي، ان تڪرار بابت سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ گڏيل قومن جي منشور تي عملدرامد جي لاءِ سلامتي ڪائونسل کي سي??ري??ري جنرل جي مڪمل حمايت ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان کي هن گروپ جو ميمبر هجڻ تي فخر آهي.