اسلام آباد – 12 ?? آڪٽوبر (اي پي پي) اط??اعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ملڪ ک?? سيڪيورٽي ٿريٽ رڳو فارن فنڊيڊ ايبسليوٽلي فرا?? فتني کان آهي، هاڻي خوشحالي رڳو ان جي قانون جي پڪڙ ۾ اچڻ سان ئي ايندي. پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي خطاب تي ردعمل جو اظهار ڪندي اط??اعات واري وفاقي وزير چيو ته ذميواري واقعي عمران نيازي جي هئي پر حڪمراني بشريٰ بي بي ۽ فرح گوگي وٽ هئي. اڌ پاور سان ملڪ کي ڦريندڙ جو اهو عالم آهي، پوري ملي وڃي ها ته الله ئي حافظ هو. هن چيو ته عمران خان اڌ پاور سان ملڪي مفاد سان کيڏيو، غلط ۽ صحيح جي فڪر نه ڪندي پنهنج?? سياسي مقصدن جي لاءِ چالون هليون، خدا نه ڪري کيس پورو پاور ملي وڃي ها ته ملڪ جو ڇا ٿئي ها؟ هن چيو ته عمران نيازي وٽ اڌ پاور هو ۽ حڪمراني نه هئي ته چار سال ڇو نه ٻڌايو. اط??اعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان پنهنجي پوري پاور ک?? سياسي مخالفن جي خلاف پنهنج?? سياسي انتقام جي لاءِ استعمال ڪيو. هن چيو ته عمران خان اڌ پاور سان توشه خانه کي ڦريو، اڌ پاور سان غيرقانوني فارن فنڊنگ ورتي، ڪشمير جو سودو ڪيو، ملڪ جي معيشت کي تباهه ڪيو. هن چيو ته ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو سيڪيورٽي ٿريٽ فارن فنڊي?? فتنو ۽ فراڊ آهي جنهن ملڪ?? سيڪيورٽي ۽ قومي مفادن سان سنگين راند کيڏي.