اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير مولانا اسعد محمود برن سوئٽزرلينڊ ۾ پاڪستان جي سفارتخاني جو دورو ڪيو ۽ ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ منعقد تقريب ۾ شرڪت ڪئي. پريس ريليز موجب مواصلات واري وفاقي وزير مولانا اسعد محمود سوئٽزرلينڊ ۾ مقرر پاڪستاني سفير عامر شوڪت ۽ پاڪستاني ڪميونٽي سان گڏ ڪشمي??ين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ڪاري ڏينهن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. وفاقي وزير مولانا اسعد محمود پاڪستاني ڪميونٽي کي خطاب ڪندي چيو ته ڪشمير مسئلي کي هر فورم تي اجاگر ڪ??دا??ين، ڪشمي??ين تي ڀارت جيڪي ظلم ڪري رهيو آهي ان جو مثال پوري دنيا ?? نه ٿو ملي.