اسلام آباد – 31 آڪٽوبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي، ته حڪومت ايم ايل ون ۽ ڪراچي سرڪلر ريلوي منصوبن کي شروع ڪرڻ ۾ پرعزم آهي. ايم ايل ون پاڪستان ۽ چين ٻنهي ملڪ?? جي معيشت تي ??ڏا اقتصادي اثر ڇڏيندو. هن اهڙو اظهار پاڪستان ۾ چي?? جي سفير نونگ رونگ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ چين پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) جي منصوبن تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ سي پيڪ تحت جاري منصوبن تي ڳالهيون ٿيو?? جيڪي وزيراعظم شهباز شريف جي هاڻوڪي چين واري دوري دوران پيش ڪيا ويندا. انهن منصوبن تي ايم او يو ايس صحيحيون ٿينديون. ان موقعي تي ??فاقي وزير سي پيڪ جي ڪيترن ئي منصوب?? جي اهميت تي زور ڀريو ۽ ان ڳالهه جو عزم ورجايو ته حڪومت انهن منصوبن خاص طور تي ايم ايل ون ۽ ڪراچي سرڪلر ريلوي ڪي سي آر منصوبن کي شروع ڪرڻ تي ??رعزم آهي. وفاقي وزير ايم ايل ون ۽ ڪي سي آر منصوب?? جي اهميت تي روشني وڌي جيڪي هڪ اسٽريٽجڪ پروجيڪٽس سمجهيا وڃن ٿا. وفاقي وزير چيو ته ان سلسلي ۾ سموريون ڪارروائيون مڪمل ڪيون ويون آهن، جن ۾ سينٽرل ڊولپمينٽ ورڪنگ پارٽي جي منظوري پڻ شامل آهي. وفاقي وزير چيو ته ايم ايل ون سان پاڪستان ۽ چين ٻنهي ملڪ?? جي معيشت تي اقتصادي اثر پوندا. وفاقي وزير مختلف شعبن جهڙوڪ توانائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت، ثقافت ۽ ٻين ڪيترن ئي منصوب?? جي اهميت تي زور ڀريو. جيڪي پهرين نومبر تي ??زيراعظم جي چي?? جي دوري دوران اٿاريا ويندا ۽ مختلف منصوبن تي ايم او يو ايس صحيحيون ٿينديون. چيني سفير حڪومت خاص ڪري منصوبابندي ، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ پنهنج?? مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي.