اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جا گڏيل لاڳاپا هر دور ۾ انتهائي قابل اعتبار ۽ مثالي رهيا آه??. و??يراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بي??ن موجب وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار چائنا ڪنسٽرڪشن ٿرڊ انجنيئرنگ بيورو جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وفد جي سربراهي ڪميٽي جو وائيس چيئرمين تان گوفو ڪري رهيو هو. ملاقات ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين جا گڏيل لاڳاپا هر دور ۾ انتهائي قابل اعتبار ۽ مثالي رهيا آه??. و??يراعظم چائنا ڪنسٽرڪشن ٿرڊ انجنيئرنگ بيورو جي وفد جي آجيان ڪئي ۽ پنهنجي گذريل چين جي دوري دوران ڪمپني جي صدر سان ٿيندڙ ملاقات جو ذڪر ڪيو. وزيراعظم ڪمپني جي وائيس چيئرمين تان گوفو پاران پاڪستان ۾ انفراسٽرڪچر ۽ توانائي جي منصوبن ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري جي عزم کي ساراهيو. وزيراعظم چائنا ڪنسٽرڪشن ٿرڊ انجنيئرنگ بيورو کي پاڪستان ۾ قابل تجديد خاص طور تي شمسي توانائي جي منصوبن ۾ ڀرپور سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. وزيراعظم ٻوڏ سٽيلن جي مدد جي لاءِ مختلف شيون ??طي?? ڪرڻ تي ڪمپني جا ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ وزيراعظم جا خاص معاونين طارق فاطمي، ظفرالدين محمود ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.