اسلام آباد– 25 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نش??يا?? واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف 25 کان 26 نومبر 2022ع تائين ترڪيه جو ٻن ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪري رهيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ترڪيه جي صدر اردوان استنبول شپ يارڊ ۾ پا?? بحريه جي لاءِ چار ملجم ڪارويٽ جهازن مان ٽئين پي اين ايس خيبر جو افتتاح ڪندو. جمعي تي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ نش??يا?? وفاقي وزير چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل تعاون تي ٻڌل ملجم منصوبو پا??ستان ترڪي اسٽريٽجڪ پارٽنر شپ ۾ هڪ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو. هن چيو ته پنهنجي دوري جي دوران وزيراعظم ترڪيه جي ڪاروبار?? برادري جي وفد ۽ اي سي او ٽريڊ اينڊ ڊيولپمينٽ بئنڪ (اي ٽي ڊي بي) جي صدر سان ملاقات ڪندو.