اسلام آباد– 25 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس چيو آهي ته ڀارت غلط بيانين ۽ بدنيتي تي ٻڌل پروپئگنڊه ذريعي پاڪستان کي نشانو بڻائڻ جي لاءِ گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل جي پنهنجي غيرمستقل ميمبرشپ جو غلط استعمال جاري رکيو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ هفتيوار پريس ب??يفنگ دوران چي?? ته ڀارت جو غيرذميواراڻو رويو ان ڳالهه جي تصديق ??ري ٿ?? ته هو سلامتي ڪائونسو جو مستقل ميمبر بڻجڻ جي اهليت نه ٿو رکي، ڀارت کي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حق?? جي سنگين ۽ منظم خلاف ورزين کي بند ڪ??ڻ گهرجي. هن چي?? ته پاڪستان گذريل ڏينهن سلامتي ڪائونسل جي بريفنگ ۾ پاڪستا?? جي خلاف ڀارت جي غيرضروري ريمارڪس کي سختي سان رد ڪيو آهي، بدقسمتي سان ڀارت غلط بيانين ۽ بدنيتي تي ٻڌل پروپئگنڊه جي ذريعي پاڪستان کي نشانو بڻائڻ جي لاءِ گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل جي پنهنجي غيرمستقل ميمبرشپ ۽ 1373 ڪائونٽر ٽيررازم ڪميٽي (سي ٽي سي) جي چيئر جو غلط استعمال جاري رکيو آهي. سلامتي ڪائونسل ۾ ڀارت جو غيرمستقل ميمبر طور غيرذميواراڻو رويو ان ڳالهه جي تصديق ??ري ٿ?? ته هو سلامتي ڪائونسل جو مستقل ميمبر بڻجڻ جي اهليت نه ٿو رکي. ترجمان چي?? ته ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال ۾ ڪا به??ري نه ڏٺي وئي آهي ڇ?? ته اهو اڃا تائين فوجي گهيراءُ ۾ آهي ۽ اتي ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ جاري اهي. عدالت کان مٿانهين قتل جو سلسلو جاري رکندي گذريل هفتي ڀارتي قابض فوج والاريل ڪشمير جي اسلام آباد ۽ شوپيان ضلعن ۾ ٻن ڪشميري نوجوانن کي جعلي مقابلن ۾ سهيد ??ري ڇڏيو. ڀارتي قابض فوج به بيگناهه نوجوانن کي پنهنجي حراست ۾ وٺي قتل ڪرڻ ۾ مصروف آهي، اها صورتحال پاڪستا?? جي لاءِ انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي. ترجمان چي?? ته اسان کي ڪشميري سياسي قيدين بشمول حريت ڪانفرنس جي اڳواڻن ۽ انساني حق?? جي محافظن بابت پڻ گهري ڳڻتي آهي. اهو ضروري اهي ته انه?? جي حقن جو تحفظ ڪيو وڃي ۽ انهن کي فوري آزاد ڪيو وڃي. هن چي?? ته ايمنسٽي انٽرنيشنل ۽ هيومن رائيٽس واچ سميت انساني حق?? جي 12 عالمي تنظيمن گڏيل طور تي انساني حق?? جي اڳواڻ خرم پرويز جي فوري ۽ غيرمشروط آزادي جي لاءِ آواز اٿاريو آهي جيڪو هن وقت نئين دهلي جي بدنام زمانه تهاڙ جيل ۾ قيد آهي. هن چي?? ته ڀارت کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جون پنهنجون سنگين ۽ منظم خلاف ورزيون بند ڪ??ڻ گهرجن، 5 آگسٽ 2019ع جي پنهنجي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن کي منسوخ ۽ ڪشميري حريت اڳواڻن سميت سمورن سياسي قيدين کي آزاد ڪ??ڻ گهرجي.