جنيوا – 09 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ??ريف سان اسلامي ڊيولپمينٽ بئنڪ جي صدر ڊاڪٽر محمد الجاسر جنيوا ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم محمد شهباز ??ريف محمد الجاسر جي ڪانفرنس ۾ شرڪت تي آجيان ڪئي. وزيراعظم اسلامي ڊيولپمينٽ بئنڪ جي صدر کي پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ سان تباهي ۽ حڪومت جي ٻوڏ سٽيلن جي بحالي لاءِ قدمن کان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو. اسلامي ڊيولپمينٽ بئنڪ جي صدر وزيراعظم کي پاڪستان سان ٻوڏ سٽيلن جي بحالي لاءِ مڪمل تع??ون جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته اسلامي ڊيولپمينٽ بئنڪ جي لاءِ پاڪستان انتهائي اهميت رکندڙ ملڪ آهي، اسلامي ڊيولپمينٽ بئنڪ مصيبت ۾ ورتل پاڪستاني ڀينرن ڀائرن جي پنهنجا سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻي مدد ڪندو رهندو. وزيراعظم شهباز ??ريف ڊاڪٽر محمد الجاسر جا ٻوڏ سٽيلن جي مدد ۽ پاڪستان سان تع??ون تي ٿورا مڃيا ۽ کيس حڪومت جي پاڪستان ۾ درآمدي ٻارڻ تي دارومدار کي گهٽ ڪري قابل تجديد توانائي جي ذريعن تي آڻڻ جي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم شهباز ??ريف محمد الجاسر کي حڪومت جي 10 هزار ميگاواٽ جي سولر منصوبي بابت پڻ تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو جنهن سان حڪومت نه رڳو گهٽ لاڳت ۽ ماحول دوست بجلي پيدا ڪري سگهندي پر درآمدي ٻارڻ جو بل پڻ تمام گهٽ ٿيندو.