اسلام آباد – 13 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪم جي جڳهه تي جنسي هراسمينٽ جي ڪيس ۾ جوابدار جي اپيل کي رد ڪري ڇڏيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڪم واري جڳهه تي هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف ??رخواست تي فيصلو ٻڌائيندي جوابدار جي درخواست رد ڪندي ان جو ڪيس ٻيهر محتسب ڏانهن موڪلي ڇڏيو. صدر پنهنجي فصلي ۾ چيو ته نئين وڪيل کان هڪ ڀيرو ٻيهر شڪايت ڪندڙ جي جرح ڪرائڻ جي درخواست جو ڪو بنياد نه آهي. صدر پاران هراسمينٽ جي خاتمي بابت محتسب جي فيصلي جي توثيق کانپوءِ ڪيس هراسمينٽ جي خاتمي بابت محتسب کي حتمي فيصلي جي لاءِ واپس موڪليو ويو آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته جوابدار پاران داخل اپيل شڪايت ڪندڙ ج?? تڪليف ۽ اذيت وڌائڻ جي هڪ ڪوشش آهي. هن چيو ته اڳ ۾ ئي معاملي تي جوابدار جي متفرق درخواستن جي ڪر?? ڪافي ??قت لڳي چڪو آهي، قانوني چاره جوئي جو هڪ نئون دور شروع ڪرڻ لاڳاپيل ايڪٽ جي روح جي خلاف ??هي. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته شڪايت ڪندڙ 27 مئي 2019ع تي محتسب آڏو جنسي هراسمينٽ جو ڪيس داخل ڪيو هو. جوابدار صدر کي محتسب جي 23 سيپٽمبر 2021ع جي حڪم جي خلاف ??رخواست داخل ڪئي. جوابدار محتسب آڏو معاملو التوا هيٺ هجڻ جي باوجود اپيل داخل ڪئي هئي.