اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي رمضان ??لمبارڪ ۾ معاشري جي ڪمزور، محتاج ۽ ضرورتمند طبقي جي لاءِ احساس جو جذبو پيدا ڪرڻ جي ض??ورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته اسان کي ڪمزور طبقن جو مددگار بڻجڻ ۽ مشڪل وقت ۾ انهن جو سهارو بڻجڻ جي ض??ورت آهي. رمضان ??لمبارڪ 1444??ه شروع ٿيڻ تي قوم جي نالي پيغام ۾ صدر چيو ته رمضان ??لمبارڪ جي بارڪت مهيني جي شروعات تي پوري پاڪستاني قوم ۽ مسلمان ??مت کي مبارڪباد ڏيان ٿو. الله تعاليٰ جي رحمت ۽ مهرباني سان ??سان هڪ ڀيرو ٻيهر رمضان ??لمبارڪ جي باسعادت گهڙين مان فائدو کڻي رهيا آهيون. اهي مبارڪ لمحا جتي هڪ مسلمان ??ي لاءِ روحاني ۽ اخلاقي ترقي جو سامان پيدا ڪن ٿا اتي امت جي وچ ۾ همدرديءَ، اخوت، ڀائيچاري ۽ تعاون جو پيغام کڻي پڻ اچن ٿا. هي مهينو مسلمانن جي لاءِ انفرادي ۽ اجتماعي سطح تي ترقي ۽ اصلاح جو ماحول پيدا ڪري پنهنجي زندگين کي نئين سر بهتر انداز ۾ شروع ڪرڻ جو بهترين موقعو آهي. صدر چيو ته الله تعاليٰ اسان ??ي روزا اهڙي طرح ئي فرض ڪيا آهن جهڙي طرح اسان کان ??ڳ ماڻهن تي فرض ڪيا ويا ??ئا ۽ ان ??و مقصد انسان کي متقي بڻائڻ آهي. روزي جي ذريعي ماڻهو جي اندر ??بر ۽ استقامت جي قوت پيدا ٿئي ٿي. رمضان ??لمبارڪ انسان ??ي اندر ??ستقلال ۽ استقامت جي طاقت پيدا ڪرڻ، عبادت ڪرڻ ۽ الله تعاليٰ جي حڪمن موجب هڪ محتاط انداز ۾ زندگي گذارڻ جي تربيت جو موقعو فراهم ڪري ٿو. جيئن ان مشق جي ذريعي پوري زندگي کي نظم ۽ ضبط ۽ الله جي حڪمن جو پابند بڻائڻ جو درس ڏنو وڃي ٿو. هن چيو ته توهان ڄاڻو ٿا ته ملڪ پاڪستان هن وقت سخت ترين معاشي پريشاني ۾ ورتل آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان ??مضان ??لمبارڪ جي مهيني ۾ پنهنجي اندر معاشري جي ڪمزور، محتاج ۽ ضرورتمند طبقي جو احساس پيدا ڪريون. هي طبقو سڄو سال سنگين معاشي حالتن ۾ تڪليف، آزمائش ۽ امتحان مان گذري ٿو. اسان کي پنهنجي سگهه مان وڌي ان ??مضان ۾ خاص طور تي ۽ پورو سال بالعموم ان ??بقي جو مددگار بڻجڻ ۽ مشڪل وقت ۾ انهن جو سهارو بڻجڻ جي ض??ورت آهي. يقينن ان نيڪ عمل جي ذريعي اسان ??مضان ??ي مقصدن ۽ ان ??و ثواب حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته الله تعاليٰ کان ??عا آهي ته هو اسان کي رمضان ??لمبارڪ جي برڪتن ۽ فضيلتن سان فيضياب ٿيڻ جي توفيق عطا فرمائي ۽ ملڪ پاڪستان کي وڌيڪ ترقي عطا فرمائي.