اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان کي پوليو جهڙي موذي مرض کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ حڪومت پرعزم آهي، پاڪستان جي مستقبل کي پوليو کان پاڪ ڪرڻ تائين ذاتي نگراني سان پنهنجون ڪوششون جاري رکنداسين. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزير??عظ?? محمد شهباز شريف سان روٽري فائونڊيشن جي وفد انٽرنيشنل پوليو پلس ڪميٽي جي سربراهه مائيڪ ميڪ – گورن جي قيادت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ روٽري جي عهديدارن عزيز ميمڻ، فيض ڪنڊوائي، عدنان روحيلا ۽ لاڳاپيل وزارتن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزير??عظ?? چيو ته پوليو جي خاتمي لاءِ روٽري انٽرنيشنل ۽ بل ۽ ملنڊا گيٽس فائونڊيشن جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. حڪومت پوليو جي خاتمي جي ورڪرن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائي رهي آهي. وزير??عظ?? 2022ع جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ روٽري انٽرنيشنل پاران رهائشي منصوبن جي قيام ج?? پذيرائي ڪئي. وزير??عظ?? لاڳاپيل عملدارن کي پوليو جي ايندڙ مهم ج?? لاءِ ٺوس حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. ملاقات ۾ وزير??عظ?? ٻڌايو ته روٽري انٽرنيشنل ۽ پوليو جي خاتمي لاءِ مهم ج?? لاءِ ٻين حصيدارن به هلندڙ سال هڪ ڪروڙ 50 لک ڊالر مخصوص ڪيا آهن. ملاقات ۾ عملدارن وزير??عظ?? کي ملڪ ۾ پوليو مهمن جي موجوده صورتحال بابت آگاهه ڪيو ۽ ٻڌايو ته ڏکڻ خيبرپختونخواهه پوليو جي خاتمي لاءِ خصوصي مهم جي ش??وعات به ڪئي پئي وڃي. وزير??عظ?? لاڳاپيل عملدارن کي خاص ??ور تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي هدايت ڪئي ته پوليو ورڪرز جي سيڪيورٽي کي هر صورت ۾ فول پروف بڻايو وڃي. وزير??عظ?? صحت واري قومي وزارت جي عملدارن کي به ايندڙ پوليو مهم ج?? خاتمي لاءِ مڪمل تياري جي هدايت ڪئي.